ٿر جي فطري سونهن مورن تي راڻي کيت جو حملو

ڇاڇرو (عبدالباسط رند) ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ مورن ۾ راڻي کيت جي بيماري ٻيھر زور وٺي وئي آهي جنهن ڪري مور مرڻ جو سلسلو جاري آهي. ڳوٺ ڪريمداد رند ۾ ستن ڏينھن دوران 15 مور مري ويا. ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته وائيلڊ لائيف کاتي وارا اگهور ننڊ پيل آهن ۽ انهن جي لاپرواهي ڪري ناياب نسل ۽ ٿر جي سڃاڻپ رکندڙ مور مري رهيا آهن. ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته وائيلڊ لائيف کاتي وارن خلاف نوٽيس وٺي ٿر ۾ بيمار مورن کي ويڪسن ڪري ٿر جي فطري سونھن بچائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو