ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ هلندڙ واپري جنگ سبب هالينڊ جي مرڪزي بئنڪ (DNB) تصديق ڪئي آهي ته ڪيترن مهينن تي ٻڌل هڪ پيچيده آپريشن دوران 86 ٽن سون آمريڪا ۽ ڪينيڊا مان لنڊن منتقل ڪيو ويو آهي.
هاڻي اهو سون بئنڪ آف انگلينڊ وٽ رکيل آهي، جتي ڪنهن به بحراني صورتحال ۾ هن قيمتي ڌاتوءَ جي خريد ۽ وڪرو وڌيڪ آساني سان ٿي سگهي ٿي.
بئنڪ جي صدر اولاف سليپن چيو ته هي قدم “اسان جي لچڪ ۽ تياري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري” هو.
اهو فيصلو آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ جاري واپاري تڪرار جي دوران ڪيو ويو آهي. ناڪام واپاري ڳالهين کان پوءِ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي خلاف نوان محصول لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
ڊي اين بي موجب، مارچ کان آگسٽ تائين ٿيل منتقلي دوران 27 ٽن سون جون سلاخون نيويارڪ ۽ اوٽاوا مان هالينڊ جي شهر زائسٽ منتقل ڪيون ويون.
ان کان پوءِ ساڳئي مقدار ۽ معيار وارو سون لنڊن منتقل ڪيو ويو، ۽ ان لاءِ سون جي سلاخن کي ڳارڻ جي ڪا ضرورت پيش نه آئي.
البته، ايتري وڏي مقدار ۾ سون کي ائٽلانٽڪ سمنڊ پار جسماني طور ڪيئن منتقل ڪيو ويو، ان بابت تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا آهن.
بئنڪ موجب منتقلي جو باقي حصو نيويارڪ ۾ سون وڪڻڻ ۽ پوءِ لنڊن ۾ ساڳئي مقدار جو سون ٻيهر خريد ڪرڻ ذريعي مڪمل ڪيو ويو..
ڊي اين بي جي بيان موجب، سون جي خريد ۽ وڪري ۽ جسماني منتقلي جي عملن کي گڏ ڪرڻ سان بئنڪ کي اهڙي پيچيده جسماني سون جي منتقلي سان لاڳاپيل خطرن کي ورهائڻ ۾ مدد ملي آهي.
ڊي اين بي اهو واضح نه ڪيو ته “جيوپوليٽيڪل ڇڪتاڻ” مان ان جي مراد ڇا هئي، پر ايران سان جاري جنگ سبب آمريڪي معيشت غيريقيني صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن جا عالمي واپار تي پڻ اثر پيا آهن.
ٻئي طرف، ڪينيڊا کي آمريڪي محصولن سبب پنهنجي اهم شعبن، جن ۾ اسٽيل، ايلومينيم، ڪاٺ ۽ گاڏين جو شعبو شامل آهي، سخت نقصان پهتو آهي. آگسٽ ۾ ڪينيڊا جي لڳ ڀڳ 28 ارب ڪينيڊين ڊالر (20 ارب آمريڪي ڊالر) ماليت جي شين تي اضافي 50 سيڪڙو محصول پڻ لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
ڊي اين بي چيو ته بئنڪ آف انگلينڊ وٽ رکيل سون کي “دنيا جو سڀ کان آساني سان واپار لائق سون” تصور ڪيو ويندو آهي، تنهن ڪري ڪنهن بحراني صورتحال ۾ اهو ان سون جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آساني سان دستياب ٿي سگهي ٿو، جيڪو اڃا آمريڪا يا ڪينيڊا ۾ رکيل هجي.
اربع جي اعلان کان اڳ، ڊي اين بي پنهنجي سون جي ذخيرن مان 31.3 سيڪڙو نيويارڪ ۽ 19.7 سيڪڙو اوٽاوا ۾ رکندو هو. هاڻي ٻنهي هنڌن تي اهو حصو گهٽجي 18.5 سيڪڙو رهجي ويو آهي.
ڊي اين بي موجب، 2025 جي آخر تائين هالينڊ وٽ سون جو ڪل ذخيرو 612.4 ٽن هو، جنهن جي ماليت 72.2 ارب يورو لڳائي وئي آهي.
هن منتقلي کان پوءِ لنڊن ۾ رکيل هالينڊ جي سون جي ذخيرن جو حصو 18.1 سيڪڙو کان وڌي 32.1 سيڪڙو ٿي ويو آهي، جڏهن ته بئنڪ اڃا به پنهنجي ذخيرن جو 30.8 سيڪڙو هالينڊ اندر رکيو آهي.










