پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيب آڏو پيش

راولپنڊي (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيب ۾ پيش ٿيو. قومي احتساب بيورو نيب راولپنڊي بلاول ڀٽو زرداري کي جي وي اوپل ڪيس ۾ طلب ڪيو هو ۽ ان سان گڏ ان کان زرداري گروپ آف ڪمپنيز جو رڪارڊ ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي فهرست به طلب ڪئي هئي. بلاول ڀٽو نيب سامهون پيش ٿيڻ لاءِ نيب جي روالپنڊي آفيس پهتو ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ پيپلزپارٽِي جا ڪارڪن پڻ وڏي تعداد ۾ پهتا. بلاول جي پيشي تي پيپلزپارٽي جا اڳواڻ به ان سان گڏ هيا. ان موقعي تي نيئر بخاري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ٽيون ڀيرو نيب راولپنڊي ۾ پيش ٿيو آهي بيروزگاري ۽ حڪومت جي نالائقي تي ڳالهائجي ٿو ته نيب جو نوٽيس پهچي ٿو وڃي حڪومتي وزيرن خلاف به ريفرنس آهن انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. سينيٽر شيري رحمان چيو ته پيپلزپارٽي پيشين کي گهٻرائڻ واري ناهي عدالتن جو سدائين احترام ڪيو آهي حڪومت چئي ٿي ته ريڪوڊڪ سان قرض لاهينداسين عوام سان مذاق بند ڪيو وڃي. قمرالزمان ڪائره جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف ڪيس خواهشن تي مبني آهن پهرين به جواب ڏنا آهن هاڻي ڇا نيب جي مرضي مطابق جواب ڏيون.

پهنجو تبصرو موڪليو