حيدرآباد، پوليس ڪارروائي، آئس ۽ هيروئن هٿ، 2 جوابدار گرفتار

حيدرآباد، پوليس ڪارروائي، آئس ۽ هيروئن هٿ، 2 جوابدار گرفتار

حيدرآباد (رپورٽر): حسين آباد پوليس نشو وڪڻندڙن خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي 8 ڪلو گرام ڪرسٽل آئس ۽ 2 ڪلو گرام کان وڌيڪ هيروئن برآمد ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ترجمان موجب هٿ آيل منشيات جي عالمي ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ ماليت 80 لک رپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي. پوليس پاران گرفتار ڪيل جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ئي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو