نيپال ٻوڏ، فوتين جو انگ 626 ٿي ويو، 3 هزار ماڻهو گم

نيپال ٻوڏ، فوتين جو انگ 626 ٿي ويو، 3 هزار ماڻهو گم

کٽمنڊو(ويب ڊيسڪ)نيپال جي نيشنل ڊزاسٽر رسڪ ريڊڪشن اينڊ مينيجمينٽ اٿارٽي کان ڇنڇر تي مليل تازي ڄاڻ موجب نيپال ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ ۾ فوتين جو انگ 626 ٿي ويو آهي. تازي رپورٽ موجب لڳ ڀڳ 3,000 ماڻهو اڃا تائين گم آهن، جن ۾ تقريباً 2,426 نيپال ۽ 554 تبت جي گائرونگ ڪائونٽي جا رهواسي شامل آهن. گم ٿيلن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 540 پرڏيهي شهري پڻ شامل آهن، جن مان ڪيترائي ڀارت جا هندو ياتري آهن. نيپال جي هائيڊرو پاور جا 900 ملازم لاپتا آهن ۽ شڪ آهي ته انهن مان ڪيترائي سرنگهه ۾ ڦاٿل هجن.

هي انگ نيپال پوليس پاران ٿوري دير اڳ ٻڌايل 616 فوتگين جي انگ کان وڌيڪ آهي.گذريل اربع تي آيل تباهي جي اڄ چوٿين ڏينهن به ريسڪيو جو ڪم جاري آهي.
گم ٿيل ماڻهن جي انگ ۾ پڻ نمايان اضافو ٿيو آهي، جيڪو ساڳئي اداري پاران ڪالهه ٻڌايل 1,924 مان وڌي 2,426 ٿي ويو آهي.
نيپال جي ڏکڻ-وچولي ترائي واري علائقي جي چتوان ضلعي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين ٻوڏ مان هٿ آيل 233 لاشن مان رڳو چئن جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي.
چتوان جي ضلعي انتظاميا پنهنجي بيان ۾ چيو: ”صحت جي ادارن ۽ درياهن جي ڪنارن تان گڏ ڪيل لاش يا انساني باقيات سڙڻ ۽ خراب ٿيڻ جي اهڙي حالت ۾ آهن جو هاڻي سندن سڃاڻپ ممڪن ناهي رهي.“
عملدارن وڌيڪ ٻڌايو ته باقي 229 لاش عارضي مرڪزن ۽ صحت جي ادارن ۾ رکيا ويا آهن، جڏهن ته سندن سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي جا نمونا اڃا گڏ ۽ رڪارڊ ڪيا پيا وڃن.
ٻئي پاسي چين جي سرڪاري ميڊيا تبت جي گيرونگ ڪائونٽي ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مدد لاءِ پهتل هنگامي امدادي عملي جون وڊيوز جاري ڪيون آهن.
سيچوان فائر اينڊ ريسڪيو موبائل ڪور جا اهلڪار جبلن وارن علائقن ۾ ڳولا ڪري رهيا آهن، جن جو بنيادي ڪم مٽي ۽ ملبي هيٺ دٻيل ۽ گم ٿيل ماڻهن کي ڳولڻ آهي.
مرڪزي نيپال جي نواڪوٽ علائقي ۾ ديوي گھاٽ مان سامهون آيل نيون تصويرون اربع ڏينهن آيل اوچتي ٻوڏ جي تباهي ۽ بربادي کي چٽي نموني ظاهر ڪن ٿيون.
هي علائقو هڪ مقدس ۽ اهم زيارتگاهه طور مشهور آهي ۽ ترشولي درياهه ۽ ڪالي گنڊڪي درياهه جي سنگم واري هنڌ تي واقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو