اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪ ايران واپار جاري آهي، پاڪستان تهران خلاف هڪ طرفين پابندين تي عمل ڪرڻ جو پابند نه آهي.هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندراني ٻڌايو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي صدارت سنڀالڻ جي لاءِ تيار آهي. 31 آگسٽ تي بشڪيڪ ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس ٿي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. جتي ٻطرفيون ملاقاتون به ٿينديون. هن چيو ته پاڪستان 2027 ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو.طاهر اندراني چيو ته پاڪستان طرفان مغربي ايشيا ۾ ڇڪتائڻ ۾ گهٽتائي ۽ امن جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. ايراني قيادت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي آهي. پريهي وزارت فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدر ٽرمپ جي ايلچي طور تي تهران جي دوري جي خبرن کي رد ڪندي چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي جو دورو ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي پاڪستاني ڪوششن جو حصو آهي.هن چيو ته پاڪستان امن قائم ڪرڻ ۽ ڳالهين جي بحالي لاءِ پرخلوص ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو. هلندڙ ڏينهن ۾ نائب وزيراعظم جي ترڪ پرڏيهي وزير سان 3 ڀيرا ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون. نائب وزيراعظم جي لنڊن ۾ آءِ ايم او جي سربراهه سان صوماليه ۾ پاڪستاني يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي لاءِ ڳالهيون ٿيون هيون. لنڊن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جون به اهم ملاقاتون ٿيون. طاهر اندرابي چيو ته آر ايس ايس هميشه پاڪستان مخالف قدمن ۾ ملوث رهي، آر ايس ايس مسلمانن جي خلاف تشدد ۽ پاڪستان خلاف رياستي سرپرستي ۾ نفرت پکيڙڻ ۾ ملوث آهي. موهن بهگوت جي آمريڪي دوري تي نٿا ڳالهائي سگهون اهو آمريڪا ۽ ڀارت جو معاملو آهي.هن چيو ته سي ڊي ايف جود ورو آبنائي هرمز کولرائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. آبنائي هرمز جي بندش سڀني کي متاثر ڪري رهي آهي. پاڪستان پراميد آهي پر حتمي فيصلو تهران ۽ واشنگٽن کي ڪرڻو آهي. سي ڊي ايف پنهنجي تهران جي دوري ۾ پرخلوص ڪوشش ڪئي.ترجمان چيو ته ڀارت ۾ آمريڪي سفير جي والاريل ڪشمير جي دوري تي اسلام آباد ۾ آمريڪي ناظم الامور کي ڊيمارش ڪيو ويو. آبنائي هرمز مان گذرڻ تي فيس جو معاملو هڪ وسيع البنياد بحث جو حصو آهي. اميد آهي ته افغان طالبان رجيم دهشتگردي جي انت جي حوالي سان ذميواري پوري ڪندو. طالبان رجيم ڪنهن جي چوڻ تي پاڪستان کي فتنته الهندستان ۽ فتنته الخوارج جي ذريعي غير مستحڪم ڪندو ته انهي کي پراڪسي چئي سگهجي ٿو.










