ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي بار ايسوسيئيشن سنڌ جي ورهاڱي، نون صوبن جي قيام يا سنڌ جي انتظامي ورهاست جي ڪنهن به سازش خلاف متفقه قرارداد منظور ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو اهم اجلاس 25 آگسٽ 2026ع تي سٽي ڪورٽس ڪراچي جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو، جنهن دوران بار جي عهديدارن ۽ مئنيجنگ ڪميٽي جي ميمبرن سنڌ جي سالميت، اتحاد ۽ يڪجهتي بابت پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو.اجلاس ۾ منظور ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن سنڌ جي ورهاڱي، نون صوبن جي قيام يا سنڌ جي وراثت بابت ڪنهن به ڪوشش کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي.قرارداد موجب ڪراچي بار ايسوسيئيشن سنڌ جي علائقائي سالميت، اتحاد ۽ يڪجهتي تي مڪمل يقين رکي ٿي، جڏهن ته سنڌ جي ورهاڱي يا نون صوبن بابت ڪنهن به تجويز کي سنڌ جي عوام جي مفادن خلاف سمجهيو ويندو.اجلاس دوران ڪجهه سياسي شخصيتن، جن ۾ محسن نقوي ۽ احسن اقبال شامل آهن، جڏهن ته جي ڊي اي، ڊي جي آءِ ايس پي آر، مختلف ٽي وي چينلز ۽ واپاري برادري سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهن پاران سنڌ جي ورهاڱي يا نون صوبن جي قيام بابت ڏنل بيانن جي به سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.ڪراچي بار جو موقف آهي ته سنڌ جي وحدت ۽ سالميت بابت ڪنهن به اهڙي تجويز يا بيان کي نظرانداز نه ڪيو ويندو ۽ ان معاملي تي قانوني برادري پنهنجو آواز بلند ڪندي رهندي.ڪراچي بار ايسوسيئيشن سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن جي قيام خلاف ”آل سنڌ لائرز ڪنوينشن“ ڪوٺائڻ جو به متفقه فيصلو ڪيو آهي. بار موجب ڪنوينشن ڇنڇر، 19 سيپٽمبر 2026ع تي صبح 11 وڳي سي پي ايل سي پارڪنگ ايريا، سٽي ڪورٽس ڪراچي ۾ منعقد ٿيندو. ڪنوينشن دوران سنڌ جي سالميت بابت مستقبل جي لائحه عمل ۽ گڏيل حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. قرارداد تي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ، نائب صدر عزير علي خان غوري، جنرل سيڪريٽري محمد ارشد شر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري رياض احمد ڪوراني سميت سمورن عهديدارن ۽ مئنيجنگ ڪميٽي جي ميمبرن جون صحيحون موجود آهن.










