پسند جي پرڻي تان حملو، ڪاڄ ماتم ۾ تبديل 3 زخمي

پسند جي پرڻي تان حملو، ڪاڄ ماتم ۾ تبديل 3 زخمي

ڏهرڪي (جھانگير عالم دايو) ڳوٺ قبول کونهاري ۾ الطاف سولنگي ناري حضوران ڌيء بهاول سولنگي سان گذريل ڏينهن پسند جو پرڻو ڪري نڪاح ڪيو ۽ شادي جو ڪاڄ هلندڙ هيو ته ناري جي مائٽن ڪاڄ تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾  پريمي جو پيءُ  قمبر علي سولنگي ,ڄام سولنگي ۽ ماني تيار ڪندڙ بورچي خادم سولنگي گوليون ۽ بندوق جا فائر لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ پريمي جي ڀاءُ ذوالفقار علي سولنگي ٻڌايو ته ناري حضوران جو والد فوت ٿيل آھي ناري جي ماءُ ليلان  پنهنجي رضا خوشيء سان منهنجو نڪاح ڪرائي ڏنو پر ناري حضوران جا ماما ڪوٽ سبزل واسي جمعو سولنگي ,ظفر ,رفيق ,افضل ,منير وارا ڪاوڙيل هئا ته حضوران جي شادي نه ڪرايو. حضوران پنهنجي رضا سان شادي ڪئي ۽ ڪاڄ هلي رهيو ته انهن حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري اسان جا ماڻهو زخمي ڪري اسان جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ڪيون آھن هن چيو ته اسان زخمين کي کڻي پهتا آھيون پر خطرو آھي ته شادي ڪندڙ جوڙي کي قتل ڪيو ويندو ,زخمين کي ڏهرڪي اسپتال آندو ويو ,جتان کين رحيم يار خان ريفر ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو