ڪورين فلم 4 آسڪر ايوارڊ کٽي دنيا ۾ ڌوم مچائي چڏي

لاس اينجلز(ويب ڊيسڪ) ڪورين فلم پيرا سائيٽ هن ڀيري 4 آسڪر ايوارڊ حاصل ڪري دنيا ۾ ڌوم مچائي ڇڏي آهي. اهو پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن ڪنهن ايشيائي فلم کي دنيا ۾ بهترين فلم تي آسڪر ايوارڊ مليو هجي. ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلز ۾ هالي ووڊ جي ڊولبي ٿيٽر ۾ منعقد تقريب ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن انگريزي کانسواءِ ڪنهن ٻئي ٻولي جي فلم کي ايڏو وڏو ايوارڊ مليو آهي. بهترين فلم کانسواءِ بهترين بين الاقوامي فلم، بهترين اوريجنل اسڪرين پلي ۽ فلم جي ڊائريڪٽر بانگ جون هو، کي بهترين ڊائريڪٽر جو اعزازبه مليو آهي. ڊائريڪٽر بانگ جون هو چيو ته منهنجي لاءِ زندگي جو هي وڏو اعزاز آهي ۽ ائين پيو لڳي ته مان ڪو خواب ڏسي رهيو آهيان.

مون سڄي زندگي جيڪا محنت ڪئي اها اڄوڪي ڏينهن لاءِ هئي ۽ مونکي پنهنجي حياتي جي پورهئي جو اجورو ملي ويو آهي. هن چيو ته منهنجي ننڍپڻ کان وٺي منهنجو هيرو مارٽن اسڪورسيس رهيو آهي ۽ سندس فلم “آئرش مين” به هن فلمي ميلي ۾ نامزد هئي ۽ کيس انعام نه ملي سگهيو، مان کيس خراج پيش ڪريان ٿو هو وڏو ڊائريڪٽر آهي. هن فلمي ايوارڊ تقريب ۾ پهرين عالمي جنگ بابت ٺهيل فلم “1917” کي فيورٽ قرار ڏنو پئي ويو جنهن کي 3 ايوارڊ فني نوعيت جا ته مليا پر سڀني کي ان وقت حيرت ٿي جڏهن فلم پيرا سائيٽ ميدان ماري وئي. پيرا سائيٽ جي ڊائريڪٽر وڌيڪ چيو ته جلد اوهين ڏسندا ته غير انگريزي فلمون هالي ووڊ جو وڏي ۾ وڏو اعزاز حاصل ڪندڙ فلمون عام ڳالهه بڻجي وينديون هي ان جي شروعات آهي. ياد رهي هالي ووڊ جي تاريخ ۾ 1952 ۾ والٽ ڊزني کي هڪ ئي وقت 4 آسڪر ايوارڊ مليا هئا جنهن بعد ڪورين فلم کي اهو اعزاز مليو آهي. فلم پيرا سائيٽ ٻن خاندانن جي هجرت تي ٺهيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو