بنگش روڊ 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو

بنگش روڊ 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب تعمير هيٺ توري بنگش روڊ جي ترقياتي ڪم جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ منصوبي کي 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ جي ڊيڊ لائن مقرر ڪري ڇڏي. ان موقعي تي انجنيئرنگ کاتي جي آفيسرن ميئر ڪراچي کي جاري ترقياتي ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته توري بنگش روڊ ضلعو اولهه، اورنگي ۽ ڪيماڙي کي حب ريور روڊ سان ڳنڍيندڙ هڪ اهم متبادل رستو هوندو. تقريبن هڪ ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ هن منصوبي سان انهن علائقن جي شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ٿينديون ۽ روزانو هزارين شهرين جو سفر آسان ٿيندو.هن چيو ته توري بنگش روڊ تي نئون برساتي نالو پڻ تعمير ڪيو پيو وڃي، جنهن جو ڪم ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ روڊ جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو. اسان جو هدف آهي ته 30 سيپٽمبر کان اڳ روڊ مڪمل ڪري عوام لاءِ کوليو وڃي.هن چيو ته توري بنگش روڊ ضلعو اولهه، اورنگي ۽ ڪيماڙي جي عوام جو هڪ اهم مسئلو هو. هن منصوبي جي تڪميل سان شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ٿينديون ۽ مختلف علائقن وچ ۾ آمدرفت وڌيڪ آسان ٿيندي. متبادل رستو فراهم ٿيڻ سان مک شاهراهن تي ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ پڻ گهٽتائي ايندي.هن چيو ته برساتي نالي جي تعمير پڻ منصوبي جو اهم حصو آهي، جنهن سان برسات دوران پاڻي جي نيڪال کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. روڊ ۽ برساتي نالي جو ڪم مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ته جيئن شهرين کي جلد کان جلد هن منصوبي جا فائدا حاصل ٿي سگهن.ميئر ڪراچي چيو ته بلديه عظميٰ ڪراچي شهر جي هر حصي ۾ ترقياتي ڪم ڪري رهي آهي ۽ هلندڙ سال جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪراچي ۾ بنيادي سهولتن ۽ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي.هن چيو ته ڪراچي بهتري طرف گامزن آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي ئي ڪراچي کي ٻيهر روشنين جو شهر بڻائي سگهي ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو