سعودي جهازن تي حملو، تيل جي قيمتن ۾ واڌ، ٽرمپ جي عمان کي ڌمڪي
ٽرمپ جهاز ۾ سوار ٿيندي

سعودي جهازن تي حملو، تيل جي قيمتن ۾ واڌ، ٽرمپ جي عمان کي ڌمڪي

تهران(ويب ڊيسڪ)حوثي باغين ڳاڙهي سمنڊ ۾ سعودي عرب جي جهازن تي حملي جي دعويٰ ڪئي آهي، هرمز لنگهه ۾ ٽريفڪ محدود آهي ۽ دنيا ۾ تيل جي قيمت ۾ واڌ ٿي آهي. صدر ٽرمپ هرمز بابت ڪا رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جي بدلي عمان تي بمباري جي ڌمڪي ڏني آهي.

حوثي باغين پاران سعودي جهازن تي حملي جي دعويٰ

يمن جي حوثي باغين دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ڳاڙهي سمنڊ ۾ ميزائلن ذريعي هڪ اهڙي جهاز تي حملو ڪيو، جنهن کي هو سعودي فوجي جهاز ۽ ان سان گڏ هلندڙ چار حفاظتي جهاز قرار ڏين ٿا. رائٽرز موجب، حوثي گروپ جي فوجي ترجمان يحيٰ سري ٽيليگرام تي جاري ڪيل بيان ۾ اها دعويٰ ڪئي آهي. سعودي اختيارين طرفان فوري طور تي ان حملي جي تصديق نه ڪئي وئي آهي.

هرمز لنگهه بابت عمان رڪاوٽ بڻيو ته مٿس بمباري ڪندس، ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عمان کي سخت خبردار ڪندي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن هن آبنائي هرمز جي ڪنٽرول جي معاملي ۾ ”رستي ۾ رڪاوٽ“ وڌي ته آمريڪا ان تي بمباري ڪندو. ٽرمپ فاڪس نيوز جي نمائندي ٽري ينگسٽ سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته، ”جيڪڏهن عمان رستي ۾ آيو ته اسان انهن جي اهڙي ته بمباري ڪنداسين جو…“ ينگسٽ وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪي صدر فاڪس نيوز کي چيو آهي ته ايران کي ”هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اڇو جهنڊو بلند ڪرڻ گهرجي“ ۽ واشنگٽن وٽ معاهدو ڪرڻ جي ڪا تڪڙ ناهي، جڏهن ته تهران جي پاسدارن انقلاب سان پسِ پرده سفارتي رابطو اڃا به جاري آهي. اسلامڪ ريووليوشنري گارڊ ڪور (IRGC) جي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ميجر جنرل مصطفيٰ ايزدي دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ دوران دشمن جا 200 کان وڌيڪ جهاز ڪيرايا ويا. فارس نيوز ايجنسي اها دعويٰ رپورٽ ڪئي آهي. نيوز ايجنسي سندس حوالي سان ٻڌايو ته، ”تازي جنگ ۾ نه رڳو ايران ٽڪرا ٽڪرا نه ٿيو ۽ اسلامي نظام کي ڪو نقصان نه پهتو، پر ايران پاڻ کي دنيا آڏو وڌيڪ مضبوط ۽ ثابت قدم ملڪ طور پيش ڪيو.“

جنگبندي بابت اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب تيل جي قيمتن ۾ واڌ

وچ اوڀر جي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب تيل جون قيمتون وڌي ويون آهن، جڏهن ته تيل جي فراهمي ۾ ڪنهن وڏي رڪاوٽ جي غير موجودگيءَ سبب قيمتن ۾ واڌ محدود رهي آهي. رائٽرز موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ اها صورتحال برقرار آهي. 1202 GMT (پاڪستاني وقت شام 5:02 وڳي) تائين برينٽ خام تيل جا فيوچرز 34 سينٽ، يعني 0.38 سيڪڙو، وڌي 88.86 ڊالر في بيرل ٿي ويا. ان کان اڳ واپار دوران قيمت 89.68 ڊالر في بيرل تائين پهتي هئي. آمريڪا جي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) خام تيل جا فيوچرز به 4 سينٽ، يعني 0.05 سيڪڙو، وڌي 82.44 ڊالر في بيرل ٿي ويا.

ٽاماهاڪ ڪروز ميزائلن لاءِ 22.9 ارب ڊالر جو ٺيڪو

آمريڪي نيوي جو چوڻ آهي ته هن RTX جي يونٽ ريٿيون کي ٽاماهاڪ ڪروز ميزائلن جي پيداوار وڌائڻ لاءِ 22.9 ارب ڊالر جو ٺيڪو ڏنو آهي. رائٽرز موجب آمريڪا پنهنجي اتحادين کي وڏي مقدار ۾ هٿيار فراهم ڪرڻ سان گڏ ايران جي تڪرار دوران پاڻ به وڏي پيماني تي گولا بارود استعمال ڪيو آهي، جنهن سبب هوائي دفاعي نظام ۽ انتهائي درست نشانو لڳائيندڙ هٿيارن جي ذخيرن بابت خدشا پيدا ٿيا آهن. آمريڪي نيوي جي قائم مقام سيڪريٽري هنگ ڪائو هڪ بيان ۾ چيو ته، ”اسان جي گولا بارود جي صنعتي بنياد جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ صنعت سان ويجهو سهڪار ڪندي، کاتو موجوده فوجي ڪاررواين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ موجود هر ممڪن وسيلو استعمال ڪري رهيو آهي.“ هن اهو تفصيل نه ڏنو ته ٽاماهاڪ ميزائلن جي پيداوار ۾ ڪيترو اضافو ڪيو ويندو يا اهو ٺيڪو ڪيتري عرصي لاءِ آهي. ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فوڪس نيوز تي نشر ٿيل پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ايران خلاف جنگ دوران استعمال ٿيل گولا بارود جي مقدار بابت به ٻڌايو آهي. الجزيره موجب، ٽرمپ چيو: ”اسان هينئر تائين جيڪو ڪجهه استعمال ڪيو آهي، اهو ته ڪجهه به ناهي.“

آمريڪي خلاف ورزين بعد 60 ڏينهن جي ڊيڊ لائين جي هاڻي ڪا اهميت ناهي، بقائي

ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهين لاءِ مقرر ڪيل 60 ڏينهن جي مهلت واشنگٽن طرفان مفاهمتي يادداشت جي ”واضح ڀڃڪڙين“ سبب هاڻي پنهنجي اهميت وڃائي چڪي آهي. ايران جي پرڏيهي وزارت خليج جي پاڻيءَ ۾ آلودگيءَ جو ذميوار خطي ۾ آمريڪي فوجي ڪاررواين کي قرار ڏنو آهي. اي ايف پي موجب، تازو ڪيترن ئي هنڌن تي تيل جي رسڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي هڪ پريس بريفنگ دوران چيو ته: ”هي ماحولياتي نقصان خطي ۾ آمريڪي فوجي موجودگي ۽ گذريل پنجن ڏهاڪن دوران آمريڪا طرفان خطي ۾ وڙهيل جنگين جو نتيجو آهي.“هن چيو ته: ”فارس خليج ۽ عمان سمنڊ جي ماحول کي پهتل نقصان جو تعلق رڳو هن جنگ سان ناهي.“
بقائي آمريڪا کي ان نقصان جو ذميوار قرار ڏيندي ان خلاف جوابدهي جو مطالبو ڪيو ۽ اندازو لڳايو ته نقصان جي ماليت ”کربين ڊالرن“ ۾ آهي.
ايران جا ٽي لاپتا فوجي پائلٽ گرفتار هجڻ جو خدشو
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي اهو پڻ چيو آهي ته ايران جو خيال آهي ته مارچ ۾ هڪ آپريشن کانپوءِ لاپتا ٿيل ٽي فوجي پائلٽ گرفتار آهن.
ايراني ميڊيا موجب، بقائي چيو ته ايران قطر سان سفارتي رابطن باوجود انهن پائلٽن جي قسمت معلوم ڪرڻ لاءِ قانوني ۽ عالمي فورمن ذريعي ڪوششون جاري رکندو.
هن هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو: ”جيستائين صورتحال واضح نٿي ٿئي، اسان جو خيال آهي ته اهي ٽي لاپتا پائلٽ گرفتار آهن ۽ اسان وٽ موجود سمورا قانوني ۽ عالمي ذريعا استعمال ڪنداسين.“
بقائي ٻڌايو ته 2 مارچ تي هڪ آپريشن ۾ چار پائلٽس حصو ورتو هو، جن مان هڪ جو لاش بعد ۾ ايران واپس آندو ويو.
هن چيو ته پائلٽن جي لاپتا ٿيڻ کان ٿوري ئي دير پوءِ سفارتي ڪوششون شروع ڪيون ويون، جن ۾ انٽرنيشنل ڪميٽي آف دي ريڊ ڪراس (ICRC) سان خط و ڪتابت ۽ سفارتخانن ذريعي صلاح مشورا پڻ شامل هئا.
سعودي عرب جا قطر ۽ عمان سان رابطا
ٻئي طرف سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان آل سعود قطر ۽ عمان جي پرڏيهي وزيرن سان الڳ الڳ ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون، جن ۾ خطي جي صورتحال ۽ علائقائي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ ڪوششن تي ڌيان ڏنو ويو. سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري آفيس موجب، فيصل قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني ۽ عمان جي پرڏيهي وزير بدر البوسعيدي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٽنهي ملڪن جي وزيرن علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ملڪن وچ ۾ مسلسل ”هم آهنگي ۽ مشاورت“ جي اهميت تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو