ڪراچي (رپورٽر): شهرِ قائد جي ملير واري علائقي غريب آباد گوڙھا گوٺ وٽ ٻن ڌرين ۾ تڪرار دوران ڪهاڙيءَ جا وار لڳڻ سبب 40 ورھين جو داد محمد ولد بهادر خان حياتي وڃائي ويٺو. ريسڪيو ٽيمن موقعي تي پهچي مڙهه کي لازمي ضابطي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس واقعي جو اطلاع ملندي ئي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ تڪرار جي اصل ڪارڻن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.










