سرڪاري عمارتن کي فائيو اسٽار هوٽل ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت

سرڪاري عمارتن کي فائيو اسٽار هوٽل ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني ۾ عالمي ايونٽس لاءِ عالمي معيار جي رهائشي سهوليتن جي کوٽ سبب وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه سرڪاري عمارتن کي هوٽل ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. فيصلي تي عملدرآمد جي لاءِ 3 رڪني وزارتي ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي.پهرين مرحلي ۾ شهيد ملت بلڊنگ کي فائيو اسٽار هوٽل ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز آهي. ذريعن موجب شهيد ملت بلڊنگ جي فائيو اسٽار هوٽل ۾ تبديلي جي منصوبي تي مشاورت جاري آهي. منصوبي جي نگراني لاءِ گهرو، ناڻي ۽ هائوسنگ جي وزيرن کي ذميواريون ملي ويون آهن.ڪميٽي جا وزير شهيد ملت بلڊنگ کي جديد هوٽل ۾ تبديل ڪرڻ واري منصوبي جو جائزو وٺندا شهيد ملت بلڊنگ جو گڏيل رقبو 4 هزار 400 مربع گز آهي جنهن ۾ 128 ڪمرن جي گنجائش آهي.ذريعن موجب شهيد ملت بلڊنگ ۾ 64 لگزري، سوئٽس ٺاهڻ جي به گنجائش موجود آهي. اسلام آباد ۾ ايس سي او اجلاس جي موقعي تي هزارين اضافي رهائشي ڪمرن جي ضرورت آهي، ايس سي او ايونٽ جي لاءِ اسلام آباد ۾ 4 هزار کان وڌيڪ هوٽل رومز جي ضرورت پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو