هرمز بند آهي ۽ ان تي ايران جو مڪمل ڪنٽرول قائم آهي

هرمز بند آهي ۽ ان تي ايران جو مڪمل ڪنٽرول قائم آهي

تهران (نيوز ڊيسڪ): ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي بحريه جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل علي عظماءَ دعويٰ ڪئي آهي ته عالمي تيل جي اهم ترين راهه ”آبناءِ هرمز“ بند آهي ۽ ان مان ٿيندڙ سموري نقل و حرڪت تي ايران جو مڪمل ۽ فيصلي ڪن ڪنٽرول قائم آهي. تسنيم نيوز ايجنسيءَ موجب ايراني ڪمانڊر چيو ته آبناءِ هرمز ۾ ٿيندڙ ڪائي به چرپر پاسدارانِ انقلاب جي جبلتي يونٽن کان اوجهل ناهي. هن چيو ته اصلي صورتحال جڳهه تي موجود حقائق مان ظاهر ٿئي ٿي، نه ڪي آمريڪي حڪمرانن جي بيانات مان. ٻئي طرف آمريڪا پنهنجو موقف برقرار رکندي چيو آهي ته واٽر وي کليل آهي، پر ايراني حکام واضح ڪيو آهي ته سندن اجازت بغير ڪو به بحري جهاز اتان گذري نٿو سگهي.

آبناءِ هرمز ۾ متحدھ عرب امارات جي 2 تيل بردار بحري جهازن تي حملو
متحدھ عرب امارات جي سرڪاري خبر رساڻي ايجنسيءَ (WAM) موجب ابوظهبي نيشنل آئل ڪمپني (ADNOC) جي 2 بحري جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرندي حملي جو نشانو بڻايو ويو آهي.اماراتي ذريعن موجب حملي دوران ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي ۽ وقت سر تحرڪ وٺي صورتحال تي قابو پاتو ويو آهي.متحدھ عرب امارات جي پرڏيهي وزارت پاران قومي سلامتي ۽ بحري تجارتي واٽر ويز تي ٿيندڙ هن ڏوهاري حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.

يمن ۾ حوثي باب المندب واري سمنڊي پٽيءَ وٽ 2 بيلسٽڪ ميزائل فائر
يمن جي حوثي گروپ پاران ملڪ جي مغربي سمنڊي پٽيءَ وٽ واقع اهم ترين سامونڊي واٽر وي ”آبناءِ باب المندب“ ڏانهن 2 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن. حوثين سان وابستا صبا ٽيليويزن مقامي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته ميزائل حملي جو اصل حدف آبناءِ باب المندب جو علائقو هو. ان ميزائل حملي بعد ڳاڙهي سمنڊ ۽ ان سان لاڳاپيل بين الاقوامي بحري گذرگاهن تي امن امان جي صورتحال وڌيڪ ڇڪتاڻ واري بڻجي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو