بغاوت جي 2 ڪيسن مان پشتين جي ضمانت منظور

بغاوت جي 2 ڪيسن مان پشتين جي ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پشتون تحفظ موومينٽ جي اڳواڻ منظور پشتين جي بغاوت جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿي وئي آهي جڏهن ته ٻن ٻين بغاوت جي ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي سومر تي ٿيندي. اها ڳالهه سندس وڪيل فرحت آفريدي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌائي. جنهن جي تصديق ايم اين اي محسن داوڙ به ڪئي آهي. ڊيره اسماعيل خان جي ايڊيشنل سيشن جج جمعي تي محفوظ ڪيل فيصلو ڇنڇر تي ٻڌايو هو. منظور پشتين تي بغاوت جا حڪومت 4 ڪيس داخل ڪيا هئا. سندس وڪيل موجب بغاوت جا 2 ڪيس سٽي پوليس اسٽيشن تي داخل هئا جن ۾ ضمانت منظو ر ٿي وئي آهي. هن 18 جنوري تي ڊيره اسماعيل خان ۾ جلسو ڪيو هو جنهن ۾ مبينه طور رياست خلاف تقرير ڪئي هئي. جنهن بعد پشاو مان کيس 27 جنوري تي گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو