اوٻاوڙو (رپورٽ غلام علي رند)مريد شاخ سنڌ ڀرسان پنجاب جي علائقي چوڪ چڌڙ ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪوش برادري جي چيف مقدم عالمگير خان ڪوش، سندس گارڊ معشوق ڪوش ۽ پنجاب جي رهواسي ناظم ڪوش کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول عالمگير خان ڪوش ڳوٺ مير صاحب ڪوش، گيهلپور، ڪشمور جو رهواسي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ڪشمور جا نائب صدر، جڏهن ته ضلعي ڪائونسل ڪشمور جا ميمبر پڻ هئا.ذريعن موجب واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن عالمگير خان ڪوش چوڪ چڌڙ ۾ غلام ياسين ڪوش جي رهائشگاهه تي ترسيل هئا. واقعي کانپوءِ ڪوش برادري ۽ علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي. پوليس طرفان واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته قتل جا سبب ۽ جوابدارن بابت حتمي طور ڪا تصديق سامهون نه آئي آهي










