اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مڪه ۾ ٿيل گڏيل دفاعي معاهدي کي تاريخي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو معاهدو پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جي محفوظ مستقبل ۽ علائقائي امن جي ضمانت آهي. هن معاهدي کي ممڪن بڻائڻ تي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.










