اسپيس ايڪس راڪيٽ جو وڏو ٽڪڙو چنڊ سان ٽڪرائجي ويو

اسپيس ايڪس راڪيٽ جو وڏو ٽڪڙو چنڊ سان ٽڪرائجي ويو

ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)اسپيس ايڪس جي راڪيٽ جو هڪ حصو، جيڪو چنڊ ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو هو، ممڪن طور چنڊ سان ٽڪرائجي ويو آهي پر اڃا تائين تصويرون سامهون نه آيون آهن؟
گذريل سال لانچ ڪيل فالڪن 9 راڪيٽ جو لڳ ڀڳ 4,000 ڪلوگرام وزني مٿيون حصو منصوبي موجب خلا ۾ الڳ ڪيو ويو هو، پر اهو پنهنجو مقرر رستو ڇڏي اتفاقي طور چنڊ جي مٿاڇري سان ٽڪرائجڻ واري رخ تي هليو ويو.
بي بي سي جي سائنسي نامي نگار موجب، اڄ صبح برطانوي وقت مطابق لڳ ڀڳ 07:35 وڳي پيش آيل هن ٽڪر کانپوءِ چنڊ تي انسانن پاران ڇڏيل شين جو تعداد لڳ ڀڳ 3,000 ٿي ويو آهي.
فلڪيات جي ماهر ميٽ بوٿويل خلائي ڪچري (Space Debris) جي ڊگهي مدي وارن اثرن بابت بي بي سي سان ڳالهائيندي خبردار ڪيو ته: “ممڪن آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ ڌرتيءَ جي مدار کان ٻاهر وڃڻ به ڏکيو ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته خلا تمام گهڻو ڀرجي ويندي.”
چلي ۾ هڪ دوربين هلائيندڙ روڊريگو پالومينوس چيو آهي ته هن امڪاني ٽڪر جي وقت چنڊ جي ڀرسان روشني ۾ تبديليون محسوس ڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته: “هي هڪ حوصلا افزا ابتدائي نتيجو آهي.”
ان کان اڳ ناسا جي ترجمان جمي رسل چيو هو ته آمريڪي خلائي اداري جو مقصد “هن واقعي مان چنڊ بابت معلومات گڏ ڪرڻ ۽ خلا ۾ موجود شين جي نگراني جون ٽيڪنيڪون وڌيڪ بهتر بڻائڻ” آهي.
18 مهينن کان خلا ۾ ڀٽڪندڙ راڪيٽ جو حصو
خيال ڪيو پيو وڃي ته اسپيس ايڪس جي راڪيٽ جو هڪ ڀٽڪندڙ حصو، جيڪو 18 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان خلا ۾ سفر ڪري رهيو هو، اڄ صبح چنڊ سان ٽڪرائجي ويو.
اندازو آهي ته هي ٽڪر برطانوي وقت مطابق 07:35 وڳي ٿيو، جڏهن ته اهو حصو لڳ ڀڳ 2.43 ڪلوميٽر في سيڪنڊ يعني 5,400 ميل يا 8,700 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري رهيو هو.
جنهن حصي جي چنڊ سان ٽڪرائجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، اهو فالڪن 9 راڪيٽ جو مٿيون مرحلو آهي، جيڪو ڌرتيءَ تي واپس نه ايندو آهي. ان جي جسامت تقريباً پنج ماڙ عمارت جيتري آهي.
چنڊ سان ان جو ٽڪرائجڻ، جنوري 2025ع ۾ اسپيس ايڪس پاران آمريڪا ۽ جاپان جي ٻن قمري لينڊرن جي لانچ کانپوءِ، ڪششِ ثقل ۽ سج جي روشني جي هلڪي اثر سبب ان جي مدار ۾ آهستي آهستي تبديلي اچڻ جو نتيجو قرار ڏنو پيو وڃي.
ناسا جو چوڻ آهي ته هي ٽڪر ڌرتيءَ لاءِ ڪنهن به قسم جو خطرو ناهي، جڏهن ته فلڪيات جا ماهر ٽڪر واري هنڌ جون تصويرون حاصل ڪرڻ جا منتظر آهن ته جيئن ٽڪر سبب پيدا ٿيل ممڪنه ملبو ۽ ان جا اثر جاچي سگهجن.
تنهن هوندي به، ڪجهه سائنسدان خبردار ڪري رهيا آهن ته خلائي ڪچري جي وڌندڙ مقدار بابت سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي، ڇو ته مستقبل ۾ اهڙا حادثا خلائي تحقيق ۽ خلائي سفر لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو