جنگ ختم ڪرڻ ۽ هرمز جو لنگهه کولڻ بابت معاهدي جوا علان متوقع
File Photo of Trump

جنگ ختم ڪرڻ ۽ هرمز جو لنگهه کولڻ بابت معاهدي جوا علان متوقع

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)رائٽرز موجب، اربع ڏينهن هڪ سينيئر ايراني ذريعي ۽ علائقي جي ٻن عملدارن ٻڌايو آهي ته ايران ۽ عمان وچ ۾ تجويز ڪيل معاهدي هيٺ تهران کي هرمز لنگهه ذريعي خليج ۾ داخل ٿيندڙ جهازن تي ڪنٽرول حاصل ٿي سگهي ٿو، جيڪو ايران لاءِ هيل تائين ملندڙ سڀ کان وڏي رعايتن مان هڪ هوندي.
جيتوڻيڪ اهو قدم ايران جي مطالبن کي مڃڻ ڏانهن اهم اڳڀرائي سمجهيو پيو وڃي، پر ذريعن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ سان اختلاف ڪيو آهي ته هرمز کي ٻيهر کولڻ بابت معاهدو بلڪل ويجهو آهي.
علائقي جي هڪ ذريعي رائٽرز کي ٻڌايو: “هرمز تي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪنٽرول بابت رعايت اڳ ئي ڏني وئي آهي.”
ٻئي علائقائي ذريعي چيو ته “ڪنٽرول” جي حقيقي معنيٰ بابت اڃا ڪجهه تفصيل طئي ٿيڻا آهن. خليجي ملڪن جا ڳالهيون ڪندڙ چاهين ٿا ته جهازن جي جاچ علائقي جا ملڪ گڏيل طور ڪن، جڏهن ته ڪنهن به قسم جي فيس جي ادائيگي رضاڪارانه هجي.
رستي بابت اصولن تي گڏيل سمجهه
سينيئر ايراني ذريعي موجب، معاهدي جي مسودي ۾ اهو تصور شامل آهي ته هرمز ذريعي خليج ڏانهن ايندڙ جهازن تي ايران جو ڪنٽرول هوندو، جڏهن ته اڃا اهو طئي ٿيڻ باقي آهي ته خليج مان ٻاهر ويندڙ جهازن بابت ايران جو ڪهڙو ڪردار هوندو.
ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ڳالهين کي “پيشاوراڻيون” ۽ “اڳتي وڌندڙ” قرار ڏيندي چيو ته: “ٻنهي ڌرين رستي جي جاگرافيائي حدن بابت گڏيل سمجهه تي پهچي چڪيون آهن.”
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪا ٽئين ڌر عمل ۾ رڪاوٽ نه بڻي ته ٻنهي ملڪن جو گڏيل بيان، جنهن ۾ بنيادي اصول ۽ اتفاق جا اهم نقطا شامل هوندا، آخري جائزي ۽ مسودي جي مرحلي ۾ آهي.
آمريڪا جو موقف
آمريڪي عملدار بار بار چئي چڪا آهن ته هو اهڙو ڪو به انتظام قبول نه ڪندا، جنهن تحت ايران کي دنيا جي سڀ کان اهم توانائي واري سامونڊي واپاري رستي تي ڪنٽرول ملي.
تنهن هوندي به، ٽرمپ ۽ سندس انتظاميا جي سينيئر عملدارن تازن ڏينهن ۾ بار بار چيو آهي ته فيبروري ۾ شروع ڪيل جنگ ختم ڪرڻ لاءِ معاهدو ويجهو آهي، جڏهن ته راءِ شماري موجب آمريڪا جا گهڻا ووٽر هن جنگ جا مخالف آهن.
واشنگٽن طرفان هن تجويز ڪيل معاهدي بابت فوري طور ڪو ردعمل سامهون نه آيو.
آمريڪي فوجي دٻاءُ به ناڪام
ڪيترن مهينن جي آمريڪي فوجي ڪاررواين، جن ۾ جولاءِ دوران ٻن هفتن تائين جاري فضائي حملا به شامل هئا، باوجود ايران هرمز تي پنهنجي اثر کي ختم ٿيڻ نه ڏنو.
جولاءِ ۾ آمريڪي فوجي ڪمانڊرن ٽرمپ کي آگاهه ڪيو هو ته ڪجهه اهم هٿيارن جو ذخيرو گهٽجي رهيو آهي. رائٽرز اڱاري ڏينهن رپورٽ ڏني هئي ته آمريڪي فوج جا لڳ ڀڳ سڀ ڊگهي فاصلي وارا درست نشانو لڳائيندڙ ميزائل استعمال ٿي چڪا آهن.
ڳاڙهي سمنڊ ۾ نئون حملو
اربع ڏينهن تيل جون قيمتون معمولي گهٽجي ويون، جيتوڻيڪ ان کان اڳ يمن جي ايران جي حمايت يافته حوثي تحريڪ دعويٰ ڪئي هئي ته هن ڳاڙهي سمنڊ ۾ سعودي جهنڊي واري هڪ آئل ٽينڪر تي حملو ڪيو آهي.
هي وچ اوڀر ۾ سامونڊي جهازن تي تازو حملو آهي، جنهن عالمي توانائي جي فراهمي کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي.
گذريل ٻن ڏينهن دوران خام تيل جون قيمتون نمايان گهٽجي ويون، ڇاڪاڻ ته ٽرمپ ايران تي نون حملن کي روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته جاري ڳالهيون تڪرار ختم ڪرائي سگهن ٿيون.
ٽرمپ فاڪس نيوز جي پروگرام “@ Night with Trace Gallagher” ۾ چيو ته: “ڳالهيون سٺي نموني اڳتي وڌي رهيون آهن، ۽ اڱاري ڏينهن سڄو ڏينهن ڳالهين جو سلسلو جاري رهيو.”
هن وڌيڪ چيو: “هرمز لنگهه تمام جلد کلي ويندو.” هفتي جي آخر ۾ به ٽرمپ چيو هو ته ايران سان جاري ڳالهين سبب هن ايران تي “تمام وڏا حملا” ڪرڻ جو منصوبو ملتوي ڪيو، ۽ هن جنگ دوران ڪيترائي ڀيرا اهڙو ئي موقف ورجايو آهي.
“اڃا معاهدو مڪمل ناهي”
سينيئر ايراني ذريعي چيو: “ڳالهيون جاري آهن، پر اهو چوڻ اڃا جلدبازي هوندي ته عمان سان معاهدو مڪمل ٿي ويو آهي.”
هڪ ٻئي ايراني ذريعي چيو: “اصل مسئلو تفصيلن ۾ لڪل آهي. ٽرمپ جو هڪڙو ٽوئيٽ به سڄي عمل کي ناڪام بڻائي سگهي ٿو.”
قطر يا پاڪستان جي دوري جو ڪو منصوبو ناهي
اسماعيل بقائي چيو ته ايران جي پرڏيهي وزير يا پارليامينٽ جي اسپيڪر، جيڪي ايران جي طرفان ڳالهين جي اڳواڻي ڪري رهيا آهن، هن هفتي جي آخر ۾ قطر يا پاڪستان وڃڻ جو ڪو منصوبو نٿا رکن.
هن چيو ته تهران ٻنهي ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، جيڪي علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيا ويٺا آهن.
گڏيل قومن جو ردعمل
نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي نائب ترجمان فرحان حق چيو ته گڏيل قومن کي هرمز ٻيهر کولڻ بابت ڪنهن ممڪنه معاهدي جي سڌي ڄاڻ ناهي ملي. هن وڌيڪ چيو: “اسان يقيناً سڀني ڌرين کي همٿايون ٿا ته هو هن مسئلي جو ڳالهين ذريعي حل ڳولڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکن.”
طاقت جي توازن ۾ وڏي تبديلي؟
جيڪڏهن اهڙو معاهدو ٿي وڃي، جنهن تحت ايران کي هرمز تائين رسائي تي ڪنهن به سطح جو ڪنٽرول ملي، ته اهو آمريڪا ۽ اسرائيل جي شروع ڪيل جنگ کان پوءِ علائقي جي طاقت جي توازن ۾ ايران جي حق ۾ هڪ وڏي تبديلي تصور ڪيو ويندو. جنگ کان اڳ هرمز سڀني جهازن لاءِ بغير ڪنهن فيس جي کليل هئي.
پر ٽرمپ، جنهن شروعات ۾ چيو هو ته “آپريشن ايپڪ فيوري” ايران جي “غير مشروط هٿيار ڦٽا ڪرڻ” سان ختم ٿيندو، هاڻي اهڙي جنگ مان نڪرڻ لاءِ شديد سياسي دٻاءُ هيٺ آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ هن جنگ جي مخالفت حمايت جي ڀيٽ ۾ تقريباً ٻه ڀيرا وڌيڪ ٿي چڪي آهي.
فيس بابت اختلاف
سينيئر ايراني عملدار موجب، ايران چاهي ٿو ته هرمز استعمال ڪندڙ جهازن کان سامان جي قيمت جو 5 کان 7 سيڪڙو فيس ورتي وڃي.
ٻئي طرف عمان لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو فيس جي تجويز ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ڪنهن به قسم جي فيس لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيو آهي.
ذريعن موجب، جيڪڏهن فيس کي رسمي طور رضاڪارانه قرار ڏنو وڃي ته اهو تڪرار ختم ڪرڻ جو هڪ رستو ٿي سگهي ٿو، جيتوڻيڪ ايران جي ممڪنه حملي جي خطري سبب گهڻا جهاز مالڪ شايد فيس ادا ڪرڻ کانسواءِ اتان گذرڻ جو خطرو نه کڻندا.
ياد رهي ته اڱاري تي هڪ ڀارتي جهاز تي حملو ٿيو هو، جيڪو غرق ٿي ويو هو ان جي عملي جي سڀني ميمبرن کي بچايو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو