لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي ترقي ۽ ٽرانسپورٽ جي مشهوري ته هاڻ ڊرامن ۾ تفريح جي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي نجي ٽي وي جي ڊرامي جو هڪ سين شيئر ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته واقعي مڃڻو پوندو، ڪراچي جي ترقي ۽ ٽرانسپورٽ جي مشهوري ته هاڻ ڊرامن ۾ تفريح جي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته ڪراچي جي بس ۾ سفر ٿي رهيو آهي، سفر هر قدم تي خطر ٿي رهيو آهي جيڪو دامن هو دامن بدر ٿي رهيو آهي، مسافر هيڏانهن کان هوڏانهن ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪالر هو ڳچي ۾ اهو پنهنجي جڳهه وڃائي ويٺو آهي، جيڪي ٽماٽا ٿيلهي ۾ هئا اهي به لڏي ويا آهن.عظميٰ بخاري چيو ته خدا ڄاڻي ڪڪڙ ڪيڏانهن رهجي ويو آهي، هٿ ۾ ته صرف پر رهجي ويو آهي، ڪوبه ڪم جيڪڏهن اسان کان ٿي رهيو آهي ته بس ڪراچي جي بس ۾ سفر ٿي رهيو آهي.انهي کان اڳ هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي تنقيد واري رد عمل جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته اف اسان ته ڊڄي وياسين، هاڻ ڇا ٿيندو؟ پنجاب جي اطلاعات واري بلاول ڀٽو جي بيان تي کلندي اسٽيڪرز به شيئر ڪيا هئا.










