فيفا جي نئين تجويز يورپ رد ڪري ڇڏي، بائيڪاٽ جي ڌمڪي

فيفا جي نئين تجويز يورپ رد ڪري ڇڏي، بائيڪاٽ جي ڌمڪي

ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)يورپ جي 55 ميمبر ملڪن جي فٽبال ايسوسيئيشنن يوئيفا (UEFA) فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن فيفا (FIFA) پنهنجي عالمي مقابلن ۾ خانگي سيڙپڪارن کي حصيداري وڪڻڻ واري منصوبي تي اڳتي وڌي ٿي، ته اهي فيفا جي ورلڊ ڪپن جو بائيڪاٽ ڪندا.
اهو فيصلو هڪ هنگامي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جيڪو فيفا پاران اڱاري ڏينهن پيش ڪيل تجويزن تي غور ڪرڻ لاءِ سڏايو ويو هو.
يورپي فٽبال جي نگران اداري يوئيفا اڳ ئي ٻن سخت بيانن ذريعي انهن منصوبن جي مخالفت ڪري چڪي هئي، ۽ هاڻي ميمبر ايسوسيئيشنن جي گڏيل فيصلي سان ان مخالفت جي ٻيهر تصديق ٿي وئي آهي.
بائيڪاٽ ۾ فيفا جا سڀ مقابلا شامل هوندا، جن ۾ مردن ۽ عورتن جا فٽبال ورلڊ ڪپ ۽ ڪلب ورلڊ ڪپ پڻ شامل آهن. اهو قدم ان صورت ۾ کنيو ويندو، جيڪڏهن فيفا جي صدر جياني انفانٽينو جون تجويزون ميمبر ايسوسيئيشنن جي ووٽ سان منظور ٿي وڃن.
هن موقف جو پهريون امتحان آڪٽوبر ۾ ٿيندو، جڏهن عورتن جي ورلڊ ڪپ جا پلي آف مقابلا شيڊيول موجب ٿيڻا آهن.
اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل بيان ۾ يوئيفا چيو ته هو ۽ سندس 55 ميمبر ايسوسيئيشنون “هڪ آواز ۽ هڪ موقف” تي متفق آهن.
بيان ۾ چيو ويو: “اسان متفقه ۽ بنا ڪنهن هٻڪ جي فيفا جي ان تجويز کي رد ڪريون ٿا، جنهن تحت ورلڊ ڪپ ۽ ٻين فيفا مقابلن جي ملڪيت ۾ حصيداري خانگي سيڙپڪارن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.”
يوئيفا وڌيڪ چيو: “ورلڊ ڪپ کي ڪنهن سيڙپڪاري واري پراڊڪٽ وانگر نٿو ڏسي سگهجي. اهو فٽبال جي عظيم ترين ورثن مان هڪ آهي، جيڪو ڪيترن ئي نسلن دوران رانديگرن، قومي ٽيمن ۽ دنيا جي هر کنڊ جي مداحن جي محنت سان وجود ۾ آيو آهي. ان جو ڪو به حصو ڪنهن به صورت ۾ خانگي سيڙپڪارن حوالي نه ٿيڻ گهرجي. ورلڊ ڪپ وڪري لاءِ ناهي.”
فيفا چاهي ٿي ته پنهنجي وڏن مقابلن، جن ۾ ورلڊ ڪپ به شامل آهي، جي انتظام لاءِ هڪ نئين تجارتي ماتحت ڪمپني قائم ڪري، جنهن ۾ ٻاهريان سيڙپڪار حصيداري خريد ڪري سگهن.
فيفا جي صدر جياني انفانٽينو سڀني 211 ميمبر ايسوسيئيشنن کي خط لکي ٻڌايو ته جيڪڏهن اهي سندس تڪراري منصوبي جي حمايت ڪنديون، ته هر ايسوسيئيشن کي 4 ڪروڙ آمريڪي ڊالر ڏنا ويندا.
سوئٽزرلينڊ سان تعلق رکندڙ انفانٽينو19 سيپٽمبر جي آخري تاريخ مقرر ڪئي آهي، جنهن تائين فٽبال فيڊريشنن کي سندس منصوبي جي منظوري ڏيڻي پوندي، جيڪڏهن اهي شروعاتي 2 ڪروڙ آمريڪي ڊالر حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون.
ان جي جواب ۾، يوئيفا اربع ڏينهن فيفا تي الزام لڳايو ته اها “فٽبال کي پاڻ ۽ پنهنجن ويجهن ماڻهن کي مالا مال ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي.”
ياد رهي ته فيفا جو چوڻ آهي ته هو نئين قدم سان 20 ارب ڊالر حاصل ڪري سگهن ٿا. فيفا فارورڊ انٽرپرائيز نالي ڪمپني قائم ڪرڻ جي تجويز آهي، جنهن جي پويان جوش ڪشنر، جيڪو صدر ٽرمپ جي ناٺي جيئرڊ ڪشنر جو ڀاءُ آهي، اهو سيڙپ ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو