ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري (SDTL) هڪ اهم ڪارروائي ڪندي علاج دوران استعمال ٿيندڙ آٽو ڊس ايبل سرنج جي ٻن نمونن کي غير معياري ۽ انساني صحت لاءِ نقصانڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ليبارٽري پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب، 5 ملي ليٽر ۽ 3 ملي ليٽر جي سرنجن جا نمونا ميڊيڪل ڊوائيسز رولز 2017ع جي معيار تي پورا لهي نه سگهيا. اهي غير معياري سرنجون خيبرپختونخوا جي هڪ فارما ڪمپني جون تيار ڪيل آهن. ڊي جي ايس ڊي ٽي ايل سيد عدنان رضوي تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته ليبارٽري ٽيسٽ دوران سرنجن ۾ موجود پاڻمرادو ناڪاره ٿيڻ (آٽو ڊس ايبل) ۽ ٻيهر استعمال نه ٿيڻ وارا حفاظتي فيچرز مڪمل طور تي ناڪام ويا آهن. سرنجن جو خودڪار حفاظتي نظام اثرائتو نه هجڻ ڪري اهي مريضن کي انجيڪشن لڳائڻ جي محفوظ عمل لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهن ٿيون. هن ٻڌايو ته ان حوالي سان حتمي ٽيسٽ رپورٽون ڊرگ انسپيڪٽر ڪراچي ايسٽ ۽ سيڪريٽري ڪوالٽي ڪنٽرول بورڊ کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ موڪليون ويون آهن.










