اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جون موجوده قيمتون ايندڙ 27 جولاءِ تائين برقرار رهنديون ۽ ان دوران قيمتن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويندي. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن پاران جاري ڪيل تفصيلن موجب 27 جولاءِ تائين پيٽرول جي قيمت 335 رپيا 18 پئسا في ليٽر تي برقرار رهندي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل به پراڻي قيمت يعني 383 رپيا 46 پئسا في ليٽر جي حساب سان ملندو. ان کان علاوه ٻارڻ مٽيءَ جي تيل (ڪيروسين آئل) جي قيمت پڻ 301 رپيا 14 پئسا في ليٽر تي برقرار رکي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 27 جولاءِ تائين انهن قيمتن ۾ ڪو به ڦيرڦار نه ڪيو ويندو ۽ عوام کي پراڻن اگهن تي ئي پيٽروليم شيون فراهم ڪيون وينديون.










