اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران پيٽروليم شين جي نون اگهن جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 40 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جو نئون اڳهه 331 رپيا 52 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي.هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 62 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جو نئون اڳهه 378 رپيا 66 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي نون اگهن جو تعين اوگرا (OGRA) پاران ڪيو ويو آهي، جيڪي اڄ رات 12 بجي کان سڀاڻي رات 12 بجي تائين لاڳو رهندا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت پاران پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 39 پئسا في ليٽر جڏهن ته هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 83 پئسن جي وڏي واڌ ڪئي وئي هئي.










