غوثپور(عبدالنبي ملڪ) انڊس ھاءِ وي تي شھر جي مين بس اڏي ڀرسان تيز رفتار ڪار سامھون روڊ ڪراس ڪندڙ معصوم نينگري مٿان چڙھي وئي جنھن سبب 11 ورھين جي ملڪ پاڙي جي رهواسي نينگري ظھيران ملڪ ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويئي. اھڙي اطلاع بعد نينگري جا وارث واقعي واري ھنڌ پھچي نينگري جو لاش کڻائي اسپتال آيا جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نينگري ٻارن سان گڏ مائٽن جي گهر وڃي رهي هئي ته واقعو پيش آيو جڏهن ته ڪار ڊرائيور ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو. غوثپور پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ڪار پنھنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري ڊرائيور جي ڳولا ڪري رھي آھي.










