اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ پاڪستان جي پيٽروليم شين جو ساليانو درآمدي بل عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي تخميني کان وڌيڪ ڪري ڇڏيو آهي.مالي سال 2025-26 ۾ پاڪستان جو آئل امپورٽ بل آءِ ايم ايف جي تخميني کان هڪ ارب 58 ڪروڙ ڊالرن جي واڌ کانپوءِ 16 ارب 86 ڪروڙ ڊالرن تي پهچي ويو.عالمي مالياتي فنڊ هلندڙ مالي سال 2026-27 لاءِ پاڪستان جي آئل امپورٽ جو تخمينو 16 ارب 31 ڪروڙ ڊالر لڳايو آهي، پر عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ جتي هڪ پاسي پاڪستان جي پيٽروليم شين جي درآمدي بل ۾ واڌ ڪئي، اتي ٻئي پاسي پاڪستاني شهري ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ مهانگو پيٽرول ۽ ڊيزل خريد ڪرڻ تي مجبور ٿيا.سرڪاري دستاويزن ۽ آءِ ايم ايف پاران پاڪستان لاءِ ڪيل تخمينن مان معلوم ٿئي ٿو ته 30 جون تي ختم ٿيندڙ مالي سال 2025-26 ۾ پاڪستان جي تيل جي درآمد 16 ارب 86 ڪروڙ ڊالرن تي پهچي وئي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جو گذريل مالي سال پاڪستان جي آئل امپورٽ جو تخمينو 15 ارب 28 ڪروڙ ڊالر هو، يعني پاڪستان جي سالياني آئل امپورٽ آءِ ايم ايف جي تخميني کان هڪ ارب 58 ڪروڙ ڊالر وڌيڪ رهي.دستاويزن موجب، پاڪستان جي تيل جي درآمد ۾ مالي سال 2025-26 دوران سالياني بنيادن تي 5.76 سيڪڙو جي واڌ ٿي.










