’جنگ وڌڻ سبب پيٽرول جون قيمتون روزانو اوگرا طئي ڪندي‘

’جنگ وڌڻ سبب پيٽرول جون قيمتون روزانو اوگرا طئي ڪندي‘

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته تيل جي قيمتن جو تعين روزانو جي بنياد تي اوگرا ڪندي ۽ نيون قيمتون ويب سائيٽ تي اپ ڊيٽ ڪندي رهندي.
اهڙو اظهار پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير جمعي ڏينهن ڪابينا جي اجالس ۾ ڪيل فيصلن بابت گڏيل بريفنگ ۾ ڪيو.
هنن چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻيهر شروع ٿيل ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ ايندڙ لاٿ ۽ چاڙهه کي نظر ۾ رکندي، هاڻي پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون روزاني بنيادن تي مقرر ڪيون وينديون.
وزيرن حڪومت جي طرفان قوم جا ٿورا مڃيا. هنن چيو ته عوام هن جنگ جي بار کي وڏي صبر ۽ تحمل سان برداشت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هن چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز (CDF)، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن باوجود، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري جنگ خطي ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪندي نظر اچي رهي آهي.
پيٽروليم واري وزير چيو ته، “وفاقي ڪابينا ۽ وزيراعظم فيصلو ڪيو آهي ته آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي عالمي مارڪيٽ جي قيمتن جي بنياد تي روزانو ٻارڻ جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اوگرا نه رڳو اهي عالمي اگهه پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪندي، جن جي بنياد تي ملڪي ٻارڻ جون قيمتون مقرر ڪيون وينديون، پر انهن سڀني عنصرن جو تفصيل به شايع ڪندي، جن جي نتيجي ۾ هر پيٽرول پمپ تي نظر ايندڙ قيمت طئي ٿيندي آهي.
علي پرويز ملڪ چيو ته جيتوڻيڪ اهو فيصلو يقيناً شهرين تي وڌيڪ مالي بار وجهندو، پر وقت سان گڏ ماڻهن کي سمجهه ۾ ايندو ته رياست لاءِ اهو قدم ڇو ضروري هو. هن چيو ته هي فيصلو حڪومت جي ان پاليسي جو حصو آهي، جنهن جو مقصد نظام کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ آهي، ته جيئن عوام آسانيءَ سان سمجهي سگهي ته ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ ڪيترين ئي حالتن ۾ ڇو ناگزير بڻجي ويندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو