عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ

عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ شروع ٿيڻ جي ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ 3 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. برينٽ خام تيل جي قيمت 2.67 ڊالر (3.51 سيڪڙو) اضافي سان 78.68 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي.ماهرن موجب، قيمتن ۾ هيءَ واڌ ان خدشي سبب ٿي آهي ته جاري ڇڪتاڻ آبنائي هرمز تان تيل جي فراهمي (ترسيل) کي متاثر ڪري سگهي ٿي. امريڪي انرجي انفارميشن ائڊمنسٽريشن موجب، جنگ کان اڳ سڄي دنيا ۾ سپلاءِ ٿيندڙ خام تيل جو تقريبن 20 سيڪڙو آبنائي هرمز جي رستي منتقل ڪيو ويندو هو، ان ڪري هن اهم آبي لنگهه جي صورتحال تي عالمي مارڪيٽ جي گهري نظر آهي. واضح رهي ته امريڪي فوج ايران تي وڌيڪ حملا شروع ڪري ڏنا آهن. امريڪي مرڪزي ڪمانڊ (سينٽڪام) بيان جاري ڪندي چيو آهي ته امريڪي فوجن ايران خلاف وڌيڪ حملن جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. سينٽڪام موجب، انهن حملن جو مقصد آبنائي هرمز تان گذرندڙ شهري بحري ٻيڙن ۽ تجارتي جهازن تي حملا ڪرڻ جي ايراني صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو