پرڏيهي عورتن سان مبينا زيادتي ۽ اغوا، جوابدارن جو ريمانڊ منظور

پرڏيهي عورتن سان مبينا زيادتي ۽ اغوا، جوابدارن جو ريمانڊ منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي مقامي عدالت پرڏيهي عورتن سان مبينا زيادتي ۽ اغوا جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ٽنهي جوابدارن جو وڌيڪ 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي کين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ڪينٽ ڪچهريءَ ۾ جوڊيشنل ماجسٽريٽ اظهار محمود پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پوليس 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو. تفتيشي آفيسر ٻڌايو ته پرڏيهي عورتن سان مبينا زيادتي ۽ اغوا جي جوابدارن جو ميڊيڪل مڪمل ٿي چڪو آهي، رڳو برآمدگي (ريڪوري) باقي آهي. جوڊيشنل ماجسٽريٽ سوال ڪيو ته جوابدارن مان ڪهڙي شيءِ جي برآمدگي باقي آهي؟ جنهن تي تفتيشي آفيسر جواب ڏنو ته جوابدارن کان سوني جي منڊي ۽ واچ هٿ ڪرڻي آهي. جوابدارن رضوان، ناصر ۽ نواز کي ماسڪ پارائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جوابدارن خلاف ڊيفنس سي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو