قاھرھھ (ويب ڊيسڪ) مصر جي فٽبال ايسوسيئيشن (EFA) چيو آهي ته هن فيفا کان مطالبو ڪيو آهي ته ارجنٽينا خلاف ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل (رائونڊ آف 16) واري ميچ جا آفيشلز ٽورنامينٽ مان خارج ڪيا وڃن. ايسوسيئيشن موجب، عالمي فٽبال جي انتظامي اداري فيفا وٽ باضابطا شڪايت داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ ائٽلانٽا ۾ ٿيل ميچ دوران ريفرنگ ۾ “ٻٽو معيار” اختيار ڪرڻ بابت جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ٻئي هاف دوران مصر 1-0 جي برتري حاصل ڪيو ويٺي هئي، جڏهن وڊيو اسسٽنٽ ريفري (VAR) مصر جي رانديگر مصطفيٰ زيڪو جو گول رد ڪري ڇڏيو. وي اي آر اهو فيصلو ان بنياد تي ڏنو ته حملي جي شروعات ۾ مصري مڊفيلڊر مروان عطيه، ارجنٽينا جي محافظ ليساندرو مارٽينيز جي پير تي پير رکيو هو، جنهن کي فائول قرار ڏنو ويو. مصر اهو به سمجهيو ته ڪجهه سيڪنڊن بعد محمد صلاح سان ارجنٽينا جي پينالٽي ايريا ۾ فائول ڪيو ويو، پر ريفري ان تي ڪو به فيصلو نه ڏنو. ان کان فوراً پوءِ ارجنٽينا جوابي حملو ڪندي اسٽاپيج ٽائيم ۾ فيصلائتو گول ڪري 3-2 تان ڪاميابي ماڻي ورتي. مصري فٽبال ايسوسيئيشن پنهنجي بيان ۾ چيو: “مصر فٽبال فيڊريشن جي صدر هاني ابو ريده فيفا وٽ شڪايت داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ فرانسيسي ريفري فرانسوا ليتيڪسيئر خلاف جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻتہ ريفرين جي ٽيم سنگين غلطيون ڪيون ۽ ٻٽو معيار اختيار ڪيو، جنهن سبب مصر کي ميچ ۾ هارايو ويو ۽ هو ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو.” ايسوسيئيشن مطالبو ڪيو آهي ته ريفرين جي ٽيم ۽ ويڊيو اسسٽنٽ ريفرين جي ڪارڪردگي جي جاچ ڪئي وڃي، ڇاڪاڻتہ سندس چوڻ موجب ميچ ۾ “واضح غلطيون” ٿيون ۽ ڪجهه اهم وڊيو منظرن جو جائزو وٺڻ کان ڄاڻي واڻي پاسو ڪيو ويو. ايسوسيئيشن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته انهن غلطيّن جي جاچ کانپوءِ ريفري ۽ سندس پوري ٽيم کي ورلڊ ڪپ مان خارج ڪيو وڃي، ۽ الزام هنيو ته “مصري قومي ٽيم سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويو.” مصر جي قومي ٽيم پنهنجي تاريخ ۾ اڄ تائين ڪڏهن به فيفا ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل تائين پهچي نه سگهي آهي. ارجنٽينا جي ڪپتان ليونل ميسي، جيڪو شايد پنهنجو آخري ورلڊ ڪپ کيڏي رهيو آهي، 79هين منٽ ۾ پنهنجي ٽيم جو پهريون گول ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته 83هين منٽ ۾ پاڻ برابري وارو گول پڻ ڪيو. ميچ کانپوءِ مصر جي هيڊ ڪوچ حسام حسن چيو ته سندس ٽيم سان “ناانصافي ڪئي وئي” ۽ “اسان سان ظلم ٿيو.” هن چيو: “شايد هو موجوده عالمي چيمپيئن کي ٽورنامينٽ ۾ برقرار رکڻ چاهين پيا، شايد هو چاهيندا هئا ته ميسي اڃا به ورلڊ ڪپ جي ڊوڙ ۾ شامل رهي.” مصري رانديگر مصطفيٰ زيڪو پڻ ريفرنگ تي سخت تنقيد ڪندي چيو: “ريفري واقعي به انتهائي ناانصافي ڪئي. ناانصافي بلڪل واضح هئي. ميچ جي شروعات کان ئي اسان سان غيرمنصفاڻو رويو اختيار ڪيو ويو.” هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي: “واضح طور لڳي ٿو ته هي ٽورنامينٽ اڳواٽ طئي ٿيل هو.” ٻئي طرف ارجنٽينا هاڻي ڇنڇر ڏينهن سوئٽرزلينڊ خلاف ڪوارٽر فائنل ۾ مقابلو ڪندو، جيڪو ڪنساس شهر ۾ کيڏيو ويندو. بي بي سي اسپورٽس فيفا کان هن معاملي تي موقف حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي، پر رپورٽ تيار ٿيڻ تائين ڪو به جواب سامهون نه آيو هو. بي بي سي جي تجزيي موجب، ورلڊ ڪپ دوران ريفرين ۽ سندن فيصلن خلاف ڪيل احتجاج يا شڪايتون تمام گهٽ ڪامياب ٿينديون آهن. تجزيي ۾ چيو ويو آهي ته ممڪن آهي ريفرين جي ڪميٽي خاموشي سان لاڳاپيل آفيشيلز کي ٽورنامينٽ مان واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪري، پر عام طور تي اهڙين شڪايتن کي گهڻي اهميت نه ڏني ويندي آهي. ان حوالي سان فٽبال عالمي ڪپ 2022 جو مثال ڏنو ويو، جڏهن فرانس پنهنجي آخري گروپ ميچ ۾ تيونس هٿان 1-0 جي شڪست کانپوءِ فيفا وٽ احتجاج داخل ڪرايو هو. ان ميچ ۾ اسٽاپيج ٽائيم دوران فرانس جو هڪ گول ويڊيو اسسٽنٽ ريفري (VAR) جي جائزي کانپوءِ رد ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيترن مبصرن جو خيال هو ته اهو فيصلو وي اي آر جي مقرر ڪيل طريقيڪار جي ابتڙ هو. پر، جيئن عام طور تي فيفا جو طريقو رهيو آهي، فرانس جي اپيل کي هڪ مختصر بيان ذريعي رد ڪيو ويو، جنهن ۾ رد ڪرڻ جو ڪو به تفصيلي سبب بيان نه ڪيو ويو. فيفا جي بيان ۾ صرف ايترو چيو ويو: “فيفا جي ڊسيپلينري ڪميٽي 30 نومبر تي ٿيل تيونس ۽ فرانس وچ ۾ فيفا ورلڊ ڪپ جي ميچ بابت فرانسيسي فٽبال فيڊريشن طرفان داخل ڪيل احتجاج رد ڪري ڇڏيو آهي.” بي بي سي جي تجزيي موجب، ريفرين خلاف شڪايتون داخل ڪرائڻ وقت ڪنهن به فٽبال ايسوسيئيشن کي سڀ کان وڏو مسئلو اهو هوندو آهي ته گهڻا ريفرنگ فيصلا ذاتي تشريح تي ٻڌل هوندا آهن. تجزيي ۾ چيو ويو آهي ته انساني فطرت موجب ريفري به ڪڏهن ڪڏهن غلطيون ڪندا آهن، پر صرف غلطي ٿيڻ مان اهو نتيجو نٿو ڪڍي سگهجي ته ڪا سازش يا شڪ واري ڳالهه ضرور موجود هئي. بي بي سي موجب، اهڙيون شڪايتون اڪثر ڪري شڪست کانپوءِ جذباتي ماحول ۾ سامهون اينديون آهن، پر وقت گذرڻ سان انهن جو اثر به ختم ٿي ويندو آهي. تجزيي جي پڄاڻي ۾ چيو ويو آهي: “فيفا کان هن معاملي تي وڌيڪ ڪجهه ٻڌڻ جي گهڻي اميد نه رکڻ گهرجي.”










