ميرپور ماٿيلو (رپورٽ ظھير وسير ) ميرپور ماٿيلو پوليس پاران مبينه مقابلي دوران ٻن ڏوھارين کي مارڻ ۽ ھڪ ڏوھاري کي زخمي ڪرڻ جي دعوا مارجي ويل ڏوھارين جا لاش ۽ زخمي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو منتقل ڏوھاري ڏھرڪي مان ڦر ڪري فرار ٿي ٻيلو نائچ وٽ پھتا ته مقابلو ٿي پيو پوليس تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ۽ ڏھرڪي پوليس پاران مبينه مقابلي دوران ٻن ڏوھارين کي مارڻ ۽ ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن مطابق ڏوھاري ڏھرڪي مان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيا ته سندن ڏھرڪي پوليس پيڇو ڪرڻ سان گڏ و گڏ ميرپور ماٿيلو پوليس کي اطلاع ڏنو جنھن بعد ميرپور ماٿيلو پوليس جڏھن ڏوھارين جو پيڇو ڪيو ته ميرپور ماٿيلو ويجھو ٻيلو نائچ ڳوٺ ڀرسان ڏوھارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه ڏوھاري مارجي ويا جڏهن ته ھڪ ڏوھاري زخمي ٿي پيو جنهن بعد مارجي ويل ڏوھارين جا لاش ۽ زخمي ڏوھاري کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو منتقل ڪيو ويو ٻي پاسي مارجي ويل ڏوھارين جي سڃاڻپ ليبر ڪالوني واسي غلام نبي موساڻي ۽ اصغر ماڇي طور ٿي آھي جڏھن ته زخمي ڏوھاري جي سڃاڻپ ليبر ڪالوني واسي صابر موساڻي طور ٿي آھي ھوڏانھن زخمي ڏوھاري صابر موساڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڏھرڪي مان ڦر ڪري نڪتا سين مان موٽر سائيڪل ھلائي رھيو ھيس پوليس فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ساٿي مارجي ويا آهن










