مقبول شيف راحت علي لاڏاڻو ڪري وئي

مقبول شيف راحت علي لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي معروف ۽ هردلعزيز شيف راحت علي لاڏاڻو ڪري وئي آهي.شيف راحت علي پاڪستان جي مقبول ترين شيفس ۾ شمار ٿيندي هئي، سندس آسان ترڪيبن، منفرد پچائن (پڪوانن) ۽ سادي انداز لکن ماڻهن، خاص ڪري گهريلو عورتن کي کاڌو پچائڻ ڏانهن راغب ڪيو، سندس مرڪ ۽ دوستاڻو انداز کيس ناظرين ۾ بي حد مقبول بڻائيندو هو. شيف راحت علي جي ڀاڻيجي پڻ سوشل ميڊيا تي سندس لاڏاڻي جي خبر شيئر ڪئي آهي. سوشل ميڊيا تي مداح شيف راحت علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته واهپيدارن ان خبر کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏنو آهي. واضح رهي ته مرحومه جي نياڻي شيف مائده راحت علي پڻ هڪ معروف شيف آهي جيڪا هن وقت آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي، جتي هوءَ پنهنجي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو