اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٽيڪس ۽ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 6 ارب رپين جي چوريءَ جي رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ هڪ خانگي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيءَ خلاف مقدمو داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪمپني جي سي اي او ۽ ٽرمينل ون جي سي اي او سميت 7 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آئي آر موجب پورٽ قاسم کان محمود ڪوٽ ۽ فيصل آباد تائين پيٽرول جي سپلائيءَ سان گڏوگڏ ڪسٽمز بانڊڊ ويئر هائوس کان فيصل آباد تائين جي سپلائي چين ۾ پڻ وڏو فراڊ ۽ مبينا بدعنواني سامهون آئي آهي، جنهن تحت 4 ڪروڙ 86 لک ليٽر پيٽرول بنا ڪنهن ٽيڪس، ڊيوٽي ۽ ليويءَ جي وڪرو ڪيو ويو.










