سڄي ملڪ ۾ 9 محرم جا جلوس برآمد

سڄي ملڪ ۾ 9 محرم جا جلوس برآمد

ڪراچي / اوٻاوڙو (رپورٽر) شهرِ قائد مان 9 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس منجهند جو هڪ وڳي نشتر پارڪ مان برآمد ٿيندو، جلوس کان اڳ صبح جو 10 وڳي نشتر پارڪ ۾ خطيبِ پاڪستان علامه شهنشاهه حسين نقوي مرڪزي مجلسِ عزا کي خطاب ڪندو، جنهن کانپوءِ مرڪزي جلوس پاڪ حيدري اسڪائوٽس جي قيادت ۾ برآمد ٿيندو. جلوس پنهنجي روايتي رستن تان گذرندي شاهنواز ڀٽو روڊ، ايم اي جناح روڊ ۽ مرڪزي نمائش چورنگي کان اڳتي وڌندو، ان دوران ايم اي جناح روڊ تي واقع امام بارگاهه علي رضا جي سامهون عزادار نمازِ ظهرين ادا ڪندا، جنهن کانپوءِ جلوس کارادر ۾ واقع حسينيه ايرانين امام بارگاهه تي پڄاڻي تي پهچندو.هوڏانهن اوٻاوڙو سڄي ملڪ جيان امام حسين عليه سلامت ۽ سندن ڪربلا جي شهيدن پاران ڏنل لازوال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء اوٻاوڙو جي ڳوٺ قادر بخش رند ۾ به سيد اسرار حسين جي حويلي ۾ ڳوٺ عارب رند ۽ نرلي ڳوٺ مان 9 محرم الحرام جو جلوس بر آمد ٿيو آهي جيڪو پوليس جي سخت سڪيورٽي هيٺ ڳوٺ قادر بخش رند درگاھ پير احمد شير پهتو جتي عزادارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مڇلي چاقو سينا زني جو به آزادانا استعمال ڪيو ۽ يا حسين ياحسين جون سدائون بلند ڪيون سيڪورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي ننگر جو به بندوبست ڪيو ويو جلوس مجلس ٻڌڻ بعد پنهنجي پنهنجي رستن ڏانهن روان دوان ٿي ويندو.روھڙي تاريخي شمعِ گل ماتمي جلوس جي ٽن ڏينهن وارو سفر جاري، گرمي ۽ پيھ سبب چار عزادار فوت ۽ ڪيترائي عزادار بيهوش ٿي ويا جنهن کي مختلف ميڊيڪل ڪئمپن ڏانهن منتقل ڪيو ويو روهڙي جو سوين سالا قديمي ڪربلا مولا نو ڍلن وارو ماتمي تعزيو شمعِ گل جي رسم بعد شاهه عراق امام بارگاهه ڏول پاڪ مان “يا حسين، يا حسين” جي صدائن سان برآمد ٿيو جڏهن ته لکين عزادارن جلوس ۾ شرڪت ڪئي شديد گرمي ۽ عزادارن جي وڏي پيھ سبب ڪيترائي عزادار بيهوش ٿي پيا، جن کي ايدهي ۽ ريسڪيو 1122 ذريعي اسپتالن ۽ مختلف ميڊيڪل ڪئمپن ڏانهن منتقل ڪيو ويو ذريعن موجب ماتمي تعزيي کي ڪلهو ڏيڻ دوران چار عزادار فوت ٿي ويا، جن مان ٻن جي سڃاڻپ 20 سالا عمران شيخ ۽ 18 سالا نويد شيخ، رهواسي ڪنڌڪوٽ طور ٿي آهي، جڏهن ته ٻن فوتين جي سڃاڻپ اڃا نه ٿي سگهي آهي. تاريخي روايت موجب قديمي ماتمي تعزيو ڪجهه ڪلاڪن جي سفر بعد منڊي کٻڙ جي پڙ تي مهماني طور رکيو ويو، جتي عزادارن جي وڏي انگ ۾ آمد جاري آهي مهماني جي رسم مڪمل ٿيڻ ۽ ظهرين جي نماز ادا ڪرڻ بعد ماتمي تعزيو ٻيهر برآمد ٿيندو ۽ پنهنجي آخري منزل ڏانهن روانو ٿيندو. ھوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي روهڙي پهچي جلوس جي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ تاريخي ڪربلا مولا ماتمي تعزيي کي ڪلهو ڏئي عقيدت جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو