اڳوڻو ڪرڪيٽر اقبال قاسم ڪرڪيٽ ڪميٽي جو سربراهه مقرر

اڳوڻو ڪرڪيٽر اقبال قاسم ڪرڪيٽ ڪميٽي جو سربراهه مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر اقبال قاسم کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪرڪيٽ ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. پي سي بي 2018 ۾ محسن حسن خان جي سربراهي ۾ ڪرڪيٽ ڪميٽي جوڙي هئي پر گذريل سال محسن حسن خان ڪميٽي کان الڳ ٿيڻ بعد چيف ايگزيڪٽو پي سي بي وسيم خان ڪميٽي جو چيئرمين بڻجي ويو هو. هاڻي پاڪستان طرفان 50 ٽيسٽ ۽ 15 هڪ ڏينهن واريون ميچون کيڏندڙ اڳوڻي ڪرڪيٽر اقبال قاسم کي ڪرڪيٽ ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ فاسٽ بالر عمر گل ۽ اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر علي نقوي کي به ميمبرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اڳوڻو ڪپتان وسيم اڪرم ۽ چيف سليڪٽر ويمن ڪرڪيٽ ٽيم عروج ممتاز ڪميٽي ۾ برقرار رهندا جڏهن ته چيف ايگزيڪٽو وسيم خان ۽ ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ذاڪر خان ڪميٽي ميمبر هوندا. ان کان اڳ ڪميٽي ۾ ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ هارون رشيد ۽ ڊائريڪٽر اڪيڊميز مدثر نذر به ڪميٽي ۾ شامل هيا. ڪميٽي ڪرڪيٽ جي معاملن بابت هر تجويز تيار ڪري چيئرمين احسان ماني کي موڪليندي. ڪميٽي جي چيئرمين اقبال قاسم جو چوڻ آهي ته اهم ذميواريون ملڻ تي پي سي بي جو شڪر گذار آهيان ڪميٽي ۾ شامل باصلاحيت ماڻهن سان گڏجي تجويزون تيار ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو