ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ اومني گروپ جي 8 شگر ملز ڏانهن 18-2017ع جي ڪمند جي رهتن جي مد ۾ 57 ڪروڙ رپين جي بقايا نئين خريداري جي رقم سان گڏ آگسٽ 2020ع تائين ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم خميس تي سنڌ آبادگار الائنس جي مير زبير ٽالپر ۽ سيد مريد علي شاهه پاران داخل ڪيل درخواست اڪلائيندي ڏنو. ڪالهه عدالت ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته اومني جي ڊائريڪٽر اورنگزيب خان پيش ٿي چيو ته جيتوڻيڪ اومني گروپ جا اڪائونٽ منجمند ٿيل آهن پر ان باوجود اسان 8 شگر ملز ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيون آهن جتان ادائيگي ٿيڻ سان آبادگارن کي رهتون ادا ڪيون وينديون. هن چيو ته ڄاڻايل آبادگارن کي هن وقت تائين 8 ڪروڙ رپيا ادا پڻ ڪري ڇڏيا آهن جنهن تي عدالت پڇيو ته توهان جا اڪائونٽ منجمند ٿيل آهن ته توهان ادائيگي ڪري سگهندا جنهن تي اومني گروپ جي ڊائريڪٽر چيو ته جن کي اسان شگر ملز ٺيڪي تي ڏنيون آهن انهن وٽان جيئن جيئن رقم ملندي ويندي تيئن تيئن آبادگارن کي ڏيندا سين جنهن تي آبادگارن جي وڪيل چيو ته اومني جون شگر ملز رڳو تازي خريداري جي رقم ڏئي رهيون آهن جنهن تي اومني گروپ جي ڊائريڪٽر چيو ته نه رڳو تازي خريداري جي پر پراڻيون رهتون به ادا ڪنداسين جنهن تي عدالت اومني گروپ کي ڪمند جي مد ۾ 57 ڪروڙ رپين جون رهتون تازي خريداري سان گڏ آگسٽ 2020ع تائين ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي. داخل ڪيل درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اومني گروپ جي 8 شگر ملز ڏانهن آبادگارن جون 57 ڪروڙ رپين جون رهتون آهن جيڪي ادا نه ٿيون ڪيون وڃن جنهنڪري ڄاڻايل رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ پڻ واضع ڪيو آهي ته ان آبادگارن کي ادائيگي ڪرڻ کان ناهي روڪيو.










