محرم الحرام سيڪيورٽي: اسلام آباد ۾ خصوصي ايپ”محفوظ محرم“ تيار

محرم الحرام سيڪيورٽي: اسلام آباد ۾ خصوصي ايپ”محفوظ محرم“ تيار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ امام بارگاهن، مجلسن ۽ جلوسن جي هنڌن جي ڊرونز ذريعي ڊيجيٽل نگراني ڪئي پئي وڃي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن بابت اهم جائزه اجلاس ٿيو، جنهن ۾ راڄڌاني جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصوصي ايپ محفوظ محرم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي سڀني امام بارگاهن، مجلسن ۽ جلوسن جي رستن جي جيو ٽيگنگ مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊرونز ذريعي ڊجيٽل نگراني پڻ ڪئي ويندي.اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته “محفوظ محرم” ايپ ذريعي شهري ڪنهن به شڪي شخص، شڪي سرگرمي يا اڻ مڪمل حفاظتي انتظامن بابت فوري اطلاع ڏئي سگهندا. سيف سٽي ۾ مرڪزي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جتي لائيو لوڪيشن ۽ تصويرون شيئر ڪرڻ جي سهولت پڻ موجود هوندي. گهرو وزير محسن نقوي مجلسن ۽ جلوسن جي حفاظت لاءِ چار درجي واري سيڪيورٽي حصار تي عملدرآمد، جامع ٽريفڪ پلان تي سختي سان عمل ۽ داخلا ۽ نڪرڻ وارن رستن تي سخت چيڪنگ جون هدايتون جاري ڪيون. محسن نقوي لاڳاپيل آفيسرن کي فيلڊ ۾ موجود رهڻ، سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ معياري کاڌي پيتي جا انتظام يقيني بڻائڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ عالمن سان ويجهو رابطو رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي.محسن نقوي زور ڀريو ته ضابطه اخلاق تي مڪمل عمل يقيني بڻايو وڃي ۽ اشتعال انگيز مواد خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وڃي. اجلاس دوران چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد پوليس گهرو وزير کي سيڪيورٽي انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سڀني مجلسن ۽ جلوسن جو سيڪيورٽي آڊٽ مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته امن ۽ نگهبان ڪميٽين کي به فعال بڻايو ويو آهي. بريفنگ موجب اسلام آباد انتظاميا مجلسن ۽ جلوسن جي منتظمن سميت علمائن سان به مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن محرم الحرام دوران امن، هم آهنگي ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو