ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ خانگي ٽي وي چينل تي نشر ٿيندڙ ڊرامو ”ميري پاس تم هو“ جي آخري قسط جي نشريات خلاف داخل ڪيل درخواست تي ڊرامي جي مرڪزي ڪردار همايون سعيد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي پيمرا ۽ ٻين ڌرين کي 13 فيبروري تائين جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عدالت ثناءَ سليم نالي عورت پاران ڄاڻايل ڊرامي جي آخري قسط کي روڪڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. درخواست گذار جي وڪيل منير گلال عدالت کي ٻڌايو ته ڊرامي ۾ عورت جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي آهي جنهن تي عدالت چيو ته اوهان ڊرامي جي 21هين قسط تائين جو ذڪر ڪيو آهي ڇا ان کان اڳتي ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو هو جنهن تي وڪيل عدالت کي گذارش ڪئي ته جيڪڏهن اجازت ڏني وڃي ته اسان ويڊيو ڪلپ به ڏيکاري سگهون ٿا. جنهن تي عدالت چيو ته ان ڊرامي خلاف لاهور ۾ به درخواست داخل ٿي هئي. وڪيل چيو ته اسان اسٽي آرڊر وٺڻ نه ٿا چاهيون پر اسان ان ڊرامي جي اسڪرپٽ جي ئي خلاف آهيون. ان موقعي عدالت پيمرا جي وڪيل کان پڇيو ته ڊراما مانيٽرنگ جو ڪو طريقو آهي؟ ۽ اوهان وٽ ان هائوس ڪو سينسر آهي؟. پيمرا جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسانجي پاليسي آهي ته ڊرامي ۾ ٻولي ۽ منظر نگاري اخلاق جي دائري ۾ هئڻ گهرجي ۽ ان وٽ انهن شين کي ڏسڻ لاءِ فورم ٺهيل آهي. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊرامي ۾ ٻن ٽڪن جي ڇوڪريءَ جو ڊائلاگ استعمال ڪيو ويو ۽ اهو ڊائلاگ هاڻ تمام گهڻو مشهور ڪيو ويو آهي. ڊرامي ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ 30 هزار رپين ۾ ماڻهو مارجي ويندا آهن تنهن ڪري ڊرامي ۾ ڪراچي جو اميج به خراب ڏيکاريو ويو آهي. عدالت درخواست گذار کان پڇيو ته اوهان عدالت اچڻ کان اڳ ۾ ڪنهن فورم تي ويا؟وڪيل چيو ته اسان عدالت صرف ان ڪري آيا آهيون جو پيمرا کي هدايت ڪئي وڃي جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن ڊرامي ۾ غير اخلاقي لفظ استعمال ڪيا ويا هجن ته اسان هدايت نه پر عمل ڪرائينداسين. عدالت چيوته پهريان اهو ڏسڻو پوندو ته ڊرامي ۾ اهڙي اعتراض واري ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي يا نه؟. ٻڌڻي دوران عدالت پڇيو ته ڊرامي ۾ جنهن ڊائلاگ چيا اهو پاڻ ڇو پيش نه ٿيو آهي؟ جنهن تي نجي ٽي وي چئنل اي آر واءِ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته همايون سعيد کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن تي عدالت چيو ته همايون سعيد اهڙا ڊائلاگ ڇو چيا اهو هو پاڻ عدالت ۾ پيش ٿي جواب ڏئي. وڪيل چيو ته ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته نڪاح کان سواءِ جوڙو گڏ رهي پيو. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل ڊرامي ۾ عورت جي توهين ڪرڻ سان سماجي قدرن کي به لتاڙيو ويو آهي. هن ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪ ڇهن ورهين جو ٻارڙو پنهنجي اسڪول ٽيچر سان پنهنجي پيءُ جو رشتو ڪرائي رهيو آهي. درخواست گذار موجب ڄاڻايل ڊرامي ۾ پاڪستاني عورت جو سڄي دنيا ۾ منفي تاثر ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته ڄاڻايل درخواست ۾ وفاقي حڪومت، منسٽري آف انفارميشن، پيمرا، سنڌ سنسر بورڊ، اي آر وائي ڊيجيٽل، پروڊيوسر همايون سعيد ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.










