لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان آسٽريليا کي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان 3 ميچن جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي، پاڪستان 158 رنز جو ٽارگيٽ (هدف) 42ين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. پاڪستاني بالرن شاندار بالنگ ڪندي آسٽريليا جي پوري ٽيم کي 157 رنز تي پيولين حوالي ڪري ڇڏيو. آسٽريليا ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 158 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو هو. آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان جوش انگلس 65 رنز جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ليبوشين ۽ ايلڪس ڪيري 19-19 رنز اسڪور ڪيون ۽ ايڊم زمپا 10 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان پاران شاهين آفريدي 3، ابرار احمد ۽ شاداب خان 2-2 رانديگرن کي پيولين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته هڪ رانديگر کي حارث رئوف آئوٽ ڪيو. هدف جي پيڇو ڪندي پاڪستاني ٽيم به ڪجهه مشڪلاتن جو شڪار رهي، بابر اعظم 40 رنز جي محتاط اننگز کيڏي ۽ معاذ صداقت 27 رنز ٺاهيون. آخر ۾ عبدالصمد ۽ شاداب خان ستين وڪيٽ لاءِ 49 رنز جي ڀاڱيوالي (شراڪت) قائم ڪري ميچ کٽائي ڇڏي. ياد رهي ته ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 42 رنز تان شڪست ڏئي ميچ پنهنجي نالي ڪئي هئي.










