ڪوٽ لالو (باغ علي) ڪرم علي شر اسٽاپ تي صحافي عابد حسين راڄپر جي موبائيل فون جي دڪان جي نامعلوم چور ڇت ٽوڙي دڪان مان ڪيمرا، موبائيل فونون، ميموري ڪارڊ سميت 60 ھزار جي ماليت جي چوري ڪري فرار ٿي ويا جنهن خلاف دڪاندار عابد حسين راڄپر، امين سمداڻي، اشفاق منگي. سليم ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته چور دڪان جي ڇت ٽوڙي سامان چوري ڪري ويا آهن امن پوليس پوسٽ تي اين سي به داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي. رابطو ڪرڻ تي امن پوليس پوسٽ انچارج غلام مصطفيٰ خاصخيلي ٻڌايو ته اسان جي جاچ جاري آهي ۽ اسان نمبر ٽريس لاءِ ڏنو آهي تمام جلد پتو لڳائي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.










