فرانس روسي تيل بردار جهاز روڪي ڇڏيو، روس جي مذمت

فرانس روسي تيل بردار جهاز روڪي ڇڏيو، روس جي مذمت

پيرس(ويب ڊيسڪ)فرانسيسي بحريه هڪ پابندين هيٺ آيل تيل بردار جهاز کي روڪي ورتو آهي، جيڪو روسي بندرگاهه مان روانو ٿيو هو. تازن مهينن دوران اهڙي قسم جي اها ٽئين ڄاتل سڃاتل ضبطگي آهي.
فرانس جي صدر ايمانول ميڪرون سومر تي ايڪس (X) تي پوسٽ ڪندي چيو ته “ٽيگور” نالي جهاز کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ “بين الاقوامي پاڻيءَ ۾، برطانيا سميت ڪيترن ئي ڀائيوارن جي سهڪار سان، ۽ سامونڊي قانون جي مڪمل پاسداري ڪندي” ضبط ڪيو ويو.
مڊگاسڪر ۾ رجسٽرڊ “ٽيگور” نالي خام تيل بردار جهاز پنج ڏينهن اڳ جهازن جي ٽريڪنگ واري ويب سائيٽن تي اتر ائٽلانٽڪ ۾ ڏٺو ويو هو، جيڪو روس جي بندرگاهه امبا مان روانو ٿيو هو.
ٽيگور تي يورپي يونين، برطانيا ۽ آمريڪا طرفان پابنديون لاڳو آهن. ميڪرون چيو، “اهو ناقابل قبول آهي ته جهاز بين الاقوامي پابندين کان بچڻ جي ڪوشش ڪن، سامونڊي قانون جي ڀڃڪڙي ڪن ۽ ان جنگ جي مالي مدد ڪن جيڪا روس چئن سالن کان وڌيڪ عرصي کان يوڪرين خلاف جاري رکيو ويٺو آهي.”
هن وڌيڪ چيو، “اهي جهاز، جيڪي سامونڊي آمدرفت جي بنيادي اصولن تي به عمل نٿا ڪن، ماحول ۽ سڀني ماڻهن جي سلامتي لاءِ به خطرو آهن.”
روس جي حڪومت (ڪريملن) فرانس جي آچر رات واري ڪارروائي کي “غيرقانوني ۽ بين الاقوامي سامونڊي ڦرلٽ جي حدن تائين پهتل” قرار ڏنو.
ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو، “اسان ان ڳالهه سان بلڪل متفق ناهيون ته اهي ڪارروايون بين الاقوامي قانون جي مڪمل پاسداري سان ڪيون ويون آهن.”
روسي سرڪاري خابرو ايجنسي تاس موجب، ٽيگور جو ڪپتان روسي شهري هجڻ جو امڪان آهي. پيرس ۾ روسي سفارتخاني چيو ته هنن فرانسيسي اختيارين کان عملي ۾ شامل روسي شهرين بابت معلومات گهري آهي، پر اڃا تائين ڪو جواب نه مليو آهي.
فرانس روسي تيل کڻندڙ جهازن کي روڪڻ لاءِ مغربي ملڪن کان وڌيڪ سخت رويو اختيار ڪرڻ جو مطالبو ڪندو رهيو آهي. فرانس جو چوڻ آهي ته اهي جهاز اڪثر جعلي جهنڊن هيٺ سفر ڪندا آهن، انشورنس کان محروم هوندا آهن يا انهن وٽ حفاظتي سرٽيفڪيٽ موجود نه هوندا آهن.
مارچ ۾ فرانسيسي بحريه ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ هڪ ٻيو تيل بردار جهاز به ضبط ڪيو هو، جنهن بابت ميڪرون چيو هو ته اهو روس جي “شيڊو فليٽ” (خفيه جهازن جي ٻيڙي) سان تعلق رکي ٿو. هن ٻيڙي ۾ سوين ٽينڪر شامل آهن، جن جي ذريعي روس پابندين کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
ان وقت ميڪرون چيو هو ته “اهي جهاز منافعو ڪمائڻ ۽ روس جي جنگي ڪوششن جي مالي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.”
وچ اوڀر جي تڪرار سبب تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا سمنڊ ۾ موجود روسي تيل تي ڪجهه پابنديون نرم ڪيون آهن، جڏهن ته يورپ اهڙو قدم نه کنيو آهي.
برطانيا جي حڪومت مارچ ۾ چيو هو ته “روس جي شيڊو فليٽ کي متاثر ڪرڻ، روڪڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ، ۽ ولاديمر پيوٽن جي جنگي مشين کي مالي وسيلن کان محروم ڪرڻ، هن حڪومت ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي ترجيح آهي.”
جنوري ۾ فرانس اسپين جي ڏاکڻي سامونڊي ڪناري ۽ مراڪش جي اترئين ساحل جي وچ ۾ هڪ ٻيو تيل بردار جهاز به روڪيو هو، جنهن تي شڪ هو ته اهو روسي شيڊو فليٽ جو حصو آهي.
مارچ ۾ بيلجيم به فرانس جي مدد سان هڪ اهڙو ٽينڪر روڪيو هو، جنهن بابت شڪ هو ته اهو “جعلي جهنڊي ۽ جعلي دستاويزن” سان سفر ڪري رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو