فرنچ اوپن ۾ اپ سيٽ، نوواڪ جوڪووچ کي شڪست

فرنچ اوپن ۾ اپ سيٽ، نوواڪ جوڪووچ کي شڪست

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ٽينس چيمپئن نواڪ جوڪووچ فرنچ اوپن 2026 مان ٻاهر ٿي ويو.فرنچ اوپن ۾ هڪ ٻيو اپ سيٽ ان وقت ڏسڻ ۾ آيو جڏهن اڳوڻو چيمپئن نواڪ جوڪووچ فرنچ اوپن 2026 مان ٻاهر ٿي ويو. نواڪ جوڪووچ کي برازيل جي 19 سالن جي زاو فونسپڪا (João Fonseca) 5 سيٽن جي مقابلي ۾ شڪست ڏني، نواڪ جوڪووچ شروعاتي 2 سيٽ کٽڻ کانپوءِ باقي 3 سيٽ هاري ويو. برازيل جي 19 سالن جي زاو فونسيڪا نواڪ جوڪووچ خلاف هي مقابلو 4-6، 4-6، 6-3، 7-5 ۽ 7-5 تان کٽيو.

پهنجو تبصرو موڪليو