مانجهند (مهراڻ عمراڻي) 3 ڏينهن اڳ بابل کوسو مانجهند مان دوستن کان موڪلائي 7 ڪلوميٽر پري ڳوٺ ڏانهن ويندي گهر نه پهچي سگهيو آهي سندس فون پڻ بند آهي. وارثن سندس دوستن مائٽن سان پڻ رابطو ڪيو پر ڪا به خبر نه پئجي سگهي. بابل سرگرم سياسي سماجي ڪردار ادا ڪندڙ سان گڏ شاعر پڻ آھي اچانڪ گم ٿيڻ سبب وارث سخت پريشان آھن جڏهن ته سندس سياسي دوستن کي قومي ڪارڪنن وانگر کنڀي گم ڪرڻ جو خدشو آھي. جڏهن ته بابل کوسو جي وڏي ڀاءُ الطاف کوسو في الحال ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي ڪجهه وقت مهلت گهري ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي.










