پيٽروليم ليوي وفاقي آئيني عدالت ۾ چيلينج

پيٽروليم ليوي وفاقي آئيني عدالت ۾ چيلينج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پيٽروليم ليوي کي وفاقي آئيني عدالت ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان آئيني عدالت ۾ پيٽروليم ليوي ۽ توانائي جي شعبي ۾ ناانصافي کي چيلينج ڪيو آهي، ايڪس ريفائنري قيمت ۾ 42 کان 43 سيڪڙو ليوي آهي.هن چيو ته پيٽروليم ليوي جي قيمتن سان ليوي جو ڪوبه تعلق نه آهي، حڪومت هزارين ارب روپيه ليوي جي نالي تي وٺي چڪي آهي. ليوي کي ريفائنريز جي اپ گريڊيشن تي خرچ ڪرڻو هو، ريفائنريز اپ گريڊ نه ٿيڻ سبب ريفائنڊ تيل امپورٽ ڪرڻو پوندو آهي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيٽرول تي 117 روپيه في ليٽر ليوي لاڳو آهي. روز صرف موٽر سائيڪل وارا ڪيترائي ارب روپيه ليوي ۽ ٻيو ٽيڪس ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته 1800 ارب روپيه ڪيپسٽي پيمنٽس بجلي جي شعبي ۾ گذريل سال وصول ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو