لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڪڪڙ لڳ جوهي لاڙي وٽ تيز رفتار ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار لاڙڪاڻي واسي سينئر وڪيل سيد فياض علي شاھ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. جڏهن ته وڪيل اسد الله سومرو سخت زخمي ٿي پيو، علائقي واسين ۽ حد جي پوليس فوتي وڪيل جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال پهچايو، جتان حادثي ۾ فوت ٿيل وڪيل فياض شاھ جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمي وڪيل جو علاج ڊاڪٽرن طرفان هلندڙ آهي. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيل وڪيل ڪيس جي سلسلي ۾ دادو ڪورٽ طرف وڃي رهيا هئا ته اوچتو رستي ۾ جوهي لاڙي وٽ سندن تيز رفتار ڪار جو ٽائر برسٽ ٿي پيو ۽ اهڙو واقعو پيش آيو ، هوڏانهن وڪيل فياض شاھ جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو.










