ايراني حملن ۾ 34 آمريڪي فوجين جي زخمي ٿيڻ جو اقرار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي فوجي هيڊ ڪوارٽر پينٽاگون عراق ۾ ٿيل ايراني حملي ۾ 34 فوجين جي سخت زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن فوجين کي سخت دماغي ڌڪ لڳا هئا جن مان 17 فوجي اڃا به علاج هيٺ آهن.جنرل قاسم سليماني جي قتل بعد 8 جنوري تي ايراني حملي بعد صدر ٽرمپ چيو هو ته سڀ ٺيڪ آهي ڪو به فوجي زخمي ناهي ٿيو ۽ اهوئي سبب آهي ته ايران خلاف جوابي حملو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. صدر ٽرمپ کان جڏهن ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ گذريل هفتي ان بابت سوال ڪيو ويو هو ته هن وري معاملي کي دٻائيندي صرف ايترو چيو هو ته مون ٻڌو آهي ته ڪجهه فوجين کي مٿي ۾ سور آهي ۽ اهو وڏو سنگين مسئلوناهي. آمريڪا جي دفاعي ترجمان جونا ٿن هوفمين جمعي تي صحافين کي ٻڌايو ته 8 آمريڪي فوجين کي واپس وطن علاج لاءِ موڪليو ويو آهي جڏهن 9 فوجين جو جرمني ۾ علاج هلندڙ آهي. ان کانسواءِ 17 ٻين زخمي فوجين مان هڪ جو ڪويت ۽ 16 جو عراق ۾ علاج ڪيو ويو جيڪي هاڻي واپس ڊيوٽي تي اچي ويا آهن. ياد رهي ته جمعي تي عراق ۾ هزارين ماڻهن آمريڪي فوجين جي عراق ڇڏڻ لاءِ احتجاج ڪيو هو، عراقي پارليمان اڳ ۾ ئي اهڙو مطالبو ڪري چڪي آهي جيڪو آمريڪا رد ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو