آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مثبت ڳالهيون، معاهدي جا امڪان روشن، ٽرمپ

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مثبت ڳالهيون، معاهدي جا امڪان روشن، ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مثبت ڳالهيون ٿيون آهن.اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ايران جنگ ختم ڪرڻ جي آمريڪي تجويز جو جائزو وٺي رهيو آهي.ٽرمپ چيو ته معاهدي جا امڪان روشن آهن. اهو تمام گهڻو ممڪن آهي ته اسان ڪنهن معاهدي تي پهچون.

ايران جي جارحاڻي بيانن جي مذمت ڪيون ٿا، يو اي اي

گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي پرڏيهي معاملن واري وزارت ايران جي جارحاڻي بيان بازي جي مذمت ڪئي آهي.يو اي اي جي پرڏيهي معاملن واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهو ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀئي قانوني، سفارتي ۽ فوجي حق محفوظ رکي ٿو.پرڏيهي معاملن واري وزارت چيو ته بين الاقوامي ۽ دفاعي ڀائيوارن سان لاڳاپا اسان جي خودمختياري جو معاملو آهن.اڱاري تي ان کان اڳ، ايراني پرڏيهي وزارت امارات تي ڊرون ۽ ميزائل حملن جي ترديد ڪندي چيو ته ايران جي دفاعي ڪارروائي صرف آمريڪا جي خلاف هئي.هڪ ايراني فوجي ترجمان چيو ته جيڪڏهن امارات ايران جي خلاف ڪارروائي ڪندو ته سخت جواب ڏنو ويندو.

ايران پاران پاڪستان ذريعي آمريڪا سان پيغامن جي تبادلي جي تصديق

ايران پاڪستان ذريعي آمريڪا سان پيغامن جي تبادلي جي تصديق ڪئي.ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته پاڪستان ذريعي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پيغامن جي تبادلي جاري آهي.هن چيو ته انهن پيغامن جي متن جو پڻ آمريڪي جنگ بندي جي تجويزن سان گڏ جائزو ورتو پيو وڃي.اسماعيل بقائي چيو ته ايران اڃا تائين آمريڪي تجويزن جو سرڪاري طور تي جواب نه ڏنو آهي. هي جواب جلد ئي پاڪستان ذريعي آمريڪا ڏانهن موڪليو ويندو.ميڊيا رپورٽن موجب، جنگ بندي جون تجويزون هاڻي هڪ صفحي تائين گهٽجي ويون آهن.آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو موجب، 28 فيبروري تي شروع ٿيندڙ جنگ، جنهن کي آمريڪا ‘آپريشن ايپڪ فيوري’ جو نالو ڏنو هو، هاڻي ختم ٿي وئي آهي.صدر ٽرمپ ‘پروجيڪٽ فريڊم’ کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو آبنائے هرمز کي کولڻ لاءِ شروع ڪيو ويو هو.ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هن اهو فيصلو پاڪستان ۽ ٻين ملڪن کان ڳالهين ۾ پيش رفت جا اشارا ملڻ کان پوءِ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو