زال ۽ سس کي قتل ڪندڙ مڙس کي موت جي سزا جو حڪم

زال ۽ سس کي قتل ڪندڙ مڙس کي موت جي سزا جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) سيشن ڪورٽ لاهور پنهنجي زال ۽ سس کي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ مجرم کي موت جي سزا جو حڪم ڏنو آهي.ايڊيشنل سيشن جج شعيب انور قريشي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي مجرم امجد کي موت جي سزا ۽ 500,000 رپيا جرمانو جي سزا ٻڌائي.ٻڌڻي دوران، پراسيڪيوٽر شبير خان عدالت کي ٻڌايو ته مجرم پنهنجي زال کي منشيات وڪڻڻ لاءِ چوندو هو، مجرم پنهنجي زال ۽ سس کي قتل ڪيو.شبير خان اهو به چيو ته هربنس پور پوليس اسٽيشن 2022 ۾ ڪيس داخل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو