آر ٽي آءِ قانونن جي مئوثر استعمال لاءِ  ڪميٽي قائم ڪرڻ جي تجويز تي اتفاق

آر ٽي آءِ قانونن جي مئوثر استعمال لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي تجويز تي اتفاق

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آر ٽي آءِ قانونن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ سنڌ انفارميشن ڪميشن جي ميمبرن جناب محمد سليم خان ۽ جناب نور محمد دايو اسلام آباد ۾ پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي چيئرمين جناب شعيب احمد صديقي ۽ ميمبر جناب اعجاز حسين اعوان سان گڏجاڻي ڪري آر ٽي آءِ قانون جي وڌيڪ مؤثر نفاذ بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون۔ھن ملاقات ۾ ملڪ جي سڀني انفارميشن ڪميشنن جي گڏيل صلاح سان آر ٽي آءِ قانونن ۾ سڌارن ء قائدن ضابطن ۾ بھتري آڻڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ گڏجاڻيء ۾ سنڌ انفارميشن ڪميشن پاران تجويز پيش ڪئي وئي ته نامور قانوني ماهرن، لاڳاپيل ڌرين ۽ انفارميشن ڪميشنن جي ميمبرن تي مشتمل هڪ رولنگ ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي، جيڪا گڏيل صلاح مشوري سان سڄي پاڪستان ۾ هڪجهڙا ضابطا تيار ڪري۔ملاقات ۾ آر ٽي آءِ قانونن جي مؤثر نفاذ لاءِ گڏيل سهڪار، شفافيت ۽ معلومات تائين رسائي جي قانونن جي مؤثر استعمال جي اهميت، شهرين کي معلومات تائين آسان رسائي فراهم ڪرڻ، ۽ ادارتي شفافيت ۽ احتساب کي هٿي ڏيڻ بابت پڻ خيال ونڊيا ويا۔گڏجاڻيء ۾ عوامي ۾ ھن قانون بابت آگاهي وڌائڻ، سرڪاري ادارن جي صلاحيتن ۾ بهتري آڻڻ، ۽ معلومات جي بروقت ۽ اڳواٽ فراهمي جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو۔ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شفاف طرز حڪمراني ذريعي عوام جو اعتماد بحال ڪري سگهجي ٿو ۽ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو۔ ان سان گڏ سرڪاري عملدارن جي تربيت جي قدمن جي حمايت ۽ شهرين کي معلومات تائين رسائي جي حق جي مؤثر استعمال ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو۔پاڪستان انفارميشن ڪميشن پاران سنڌ انفارميشن ڪميشن جي آر ٽي آءِ قانونن ۾ بهتري لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ويو ۽ گڏيل رولنگ ڪاميٽي قائم ڪرڻ واري تجويز سان پڻ اتفاق ڪيو ويو-سنڌ انفارميشن ڪميشن جي ميمبرن جناب شعيب احمد صديقي پاران آر ٽي آءِ قانونن کي وڌيڪ مؤثر ۽ عوام دوست بڻائڻ لاءِ مسلسل رهنمائي مھيا ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا ويا۔ملاقات جي پڄاڻي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٽيڪنيڪل سهڪار، موجوده قانونن ۾ گهربل ترميمن، ۽ پاليسي سازي جي معاملن تي باهمي مشاورت جو سلسلو جاري رکيو ويندو ته جيئن سرڪاري ادارن ۾ شفافيت کي وڌيڪ هٿي ملي سگهي۔ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ سنڌ انفارميشن ڪميشن جي ميمبرن آر ٽي آءِ قانونن بابت مشاورت لاءِ لاھور ۾ پنجاب انفارميشن ڪميشن جو پڻ دورو ڪيو هو۔

پهنجو تبصرو موڪليو