واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ميڊيا آئوٽ ليٽ ايڪسيوس جي هڪ رپورٽ موجب، ايران هرمز جي آبنائي کي ٻيهر کولڻ ۽ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستاني ثالثن ذريعي آمريڪا کي نوان تجويزون پيش ڪيون آهن.آمريڪي ميڊيا، آمريڪي عملدارن ۽ معاملي کان واقف ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ايران هرمز کي کولڻ، بندش ختم ڪرڻ ۽ معاهدي لاءِ ايٽمي مسئلي کي بعد جي مرحلي تائين ملتوي ڪرڻ لاءِ آمريڪا کي تجويزون پيش ڪيون آهن.آمريڪي ميڊيا موجب، صدر ٽرمپ اڄ نئين ايراني تجويزن جي حوالي سان اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ مستقبل جو طريقو طئي ڪيو ويندو.
روس وچ اوڀر ۾ امن لاءِ هر ممڪنه ڪوشش ڪندو، پيوٽن، روس جو شڪريو، عراقچي
روس جي صدر ولاديمر پيوٽن ايراني پرڏيهي وزيرعباس عراقچي کي ٻڌايو آهي ته ماسڪو وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو. اي ايف پي، روسي رياستي ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته پيوٽن ملاقات دوران عراقچي کي چيو: “اسان پنهنجي طرفان هر اهو قدم کڻنداسين جيڪو توهان جي مفادن ۽ علائقي جي سڀني ماڻهن جي مفادن ۾ هجي، ته جيئن جلد کان جلد امن قائم ٿي سگهي.” تاس نيوز ايجنسي موجب پيوٽن ايراني عوام جي به واکاڻ ڪندي چيو ته “اهي پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ بهادري ۽ دليري سان وڙهي رهيا آهن.” هن وڌيڪ چيو ته “روس، ايران وانگر، پنهنجي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿو.” عباس عراقچي روسي صدر سان پنهنجي ملاقات دوران تهران جي حمايت ڪرڻ تي ماسڪو جو شڪريو ادا ڪيو ۽ نشاندهي ڪئي ته ايران آمريڪا خلاف پنهنجي مزاحمت جاري رکندو. الجزيره موجب هن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته اهي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪيا ويندا۔ عراقچي چيو: “سڄي دنيا تي ثابت ٿي ويو آهي ته ايراني عوام پنهنجي مزاحمت ۽ بهادري ذريعي آمريڪي حملن ۽ جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي قابل رهيو آهي ۽ هن دور کي به برداشت ڪري گذاري سگهندو.” بعد ۾ عباس عراقچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايران دنيا جي سپر پاور سان وڙهيو آهي ۽ آمريڪا هڪ به پنهنجو مقصد حاصل ناهي ڪيو، تڏهن ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسين ان کي ڏسي رهيا آهيون.، ڳالهين جي درخواست اسان ناهي ڪئي.
ايران جنگ جي حمايت ڪندڙ 69 شهرين جي سٽيزن شپ واپس
بحرين چيو آهي ته جنگ دوران ايران جي قدمن سان “همدردي ظاهر ڪرڻ” تي 69 ماڻهن کان شهريت واپس ورتي وئي آهي۔ ملڪ جي گهرو وزارت موجب شهريت وڃائيندڙ ماڻهن ۾ انهن جي خاندان جا ميمبر به شامل آهن۔ بيان ۾ X تي چيو ويو ته انهن “ايران جي گناهه ڀرين ۽ جارحاڻي ڪارروائين جي حمايت ۽ تعريف ڪئي هئي”۔
آمريڪي فوج خطي ۾ تيار ۽ فوڪسڊ آهي، سينٽڪام
سينٽڪام چيو آهي ته آمريڪي فوجون وچ اوڀر ۾ “تيار ۽ مرڪوز” آهن، جڏهن ته جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون رڪجي ويون آهن۔
آچر تي صدر ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ايران ڳالهائڻ چاهي ته “اسان کي فون ڪري سگهي ٿو”، اهو بيان ان وقت آيو جڏهن هن پاڪستان ۾ ڳالهين لاءِ پنهنجي نمائندن جو دورو رد ڪيو هو۔
آمريڪا ۽ اسرائيل 240 طبي سهولتن تي حملا ڪيا، ايران
ايران جي صحت واري وزير چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن دوران 240 طبي سهولتن تي حملا رڪارڊ ڪيا ويا۔ تسنيم نيوز ايجنسي محمد رضا ظفرقندي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته لڳ ڀڳ 50 اسپتالون ۽ 50 ايمرجنسي سينٽر به نقصان جو شڪار ٿيا.
ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فوجي قبضو، خود ڪش حملا ڪنداسين، حزب الله
حزب الله جي هڪ نامعلوم فوجي اڳواڻ الجزيره کي ٻڌايو ته گروپ “1980ع واري حڪمت عملين ڏانهن واپس ويندو” ۽ خودڪش دستا سرگرم ڪندو ته جيئن اسرائيل کي “پڪڙ مضبوط ڪرڻ” کان روڪي سگهجي۔ ذريعي موجب “خودڪش بمبارن جا وڏا گروهه اڳواٽ تيار ڪيل منصوبن تحت والاريل علائقن ۾ مقرر ڪيا ويا آهن”، اشارو ڏکڻ لبنان جي انهن علائقن ڏانهن هو جيڪي اسرائيل جي قبضي هيٺ آهن۔ “انهن جو مقصد دشمن جي آفيسرن ۽ فوجين سان سڌي مقابلي ۾ اچڻ آهي، خاص طور تي والاريل لبناني ڳوٺن ۾.”
آمريڪا سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي پر هنن جا حد کان وڌيڪ مطالبا رڪاوٽ آهن، عراقچي
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي، پر آمريڪا جي حد کان وڌيڪ مطالبن سبب مقصد حاصل نه ٿي سگهيا آهن۔ عباس عراقچي موجب روسي دوستن سان جنگ بابت اڳڀرائي ۽ موجوده صورتحال تي صلاح مشورا ڪرڻ ۽ جائزو وٺڻ لاءِ هي مناسب موقعو آهي، جڏهن ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم ثالثي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ هن چيو ته بهرحال ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي، پر آمريڪي موقف سبب گذريل دور جا مقصد حاصل نه ٿي سگهيا، آمريڪا جا حد کان وڌيڪ مطالبا ۽ غلط رويو، اڳڀرائي باوجود مقصد حاصل نه ٿيڻ جو سبب بڻيا، تنهن ڪري ضروري هو ته پاڪستاني دوستن سان صلاح مشورا ڪيا وڃن ته جيئن موجوده صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي۔ ان کان اڳ ماسڪو پهچڻ تي ايراني ميڊيا سان ڳالهائيندي عباس عراقچي چيو ته مان روس آيو آهيان ته جيئن ايران ۽ ماسڪو وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهي صلاح مشورا جاري رکي سگهجن، اڄ روسي صدر ولاديمير پوٽن سان ملاقات ٿيندي۔ هن چيو ته روسي صدر سان ملاقات جنگ جي اڳڀرائي ۽ موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ جو سٺو موقعو هوندو، ۽ يقين آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ صلاح مشورا ۽ هم آهنگي خاص اهميت رکن ٿا۔ ايراني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو دورو تمام ڪارائتو رهيو، اسلام آباد جي دوري دوران اختيارين سان مثبت صلاح مشورا ٿيا، جتي ماضي جي واقعن ۽ انهن خاص حالتن جو جائزو ورتو ويو جن تحت ايران-آمريڪا ڳالهيون جاري رهي سگهن ٿيون۔ عباس عراقچي ٻڌايو ته عمان جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ آبنائي هرمز بابت ڳالهيون ٿيون، ايران ۽ عمان هن سامونڊي رستي جا ساحلي ملڪ آهن، تنهن ڪري گڏيل صلاح مشورا لازمي آهن، خاص طور تي جڏهن هن رستي مان محفوظ آمدرفت عالمي اهميت جو مسئلو بڻجي چڪو آهي۔ هن چيو ته آبنائي هرمز جا ساحلي ملڪ هئڻ جي ناطي گڏيل مفادن جي تحفظ لاءِ ڳالهين ڪرڻ فطري ڳالهه آهي، ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته هر ممڪن قدم ۾ هم آهنگي برقرار رکن، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جا مفاد انهيءَ ۾ آهن۔ سندس چوڻ هو ته ايران ۽ عمان وچ ۾ اعليٰ سطح تي اتفاق موجود آهي، ۽ ٻئي ملڪ ان ڳالهه تي متفق آهن ته ماهرن جي سطح تي به صلاح مشورن جو سلسلو جاري رکيو ويندو۔
وڏي حملي جي تياري، اسرائيلي فوج پاران ڏکڻ لبنان مان شهرين کي ڪڍڻ جو حڪم
اسرائيل ڏکڻ لبنان جي مختلف علائقن ۾ جبري ڪڍڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. بفر زون کان ٻاهر واقع ستن شهرن جي رهواسين کي علائقو ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اسرائيلي حڪم جي پٺيان، لبناني شهري وڏي تعداد ۾ پنهنجا گهر ڇڏي اتر طرف هليا ويا.لبنان ۾ جنگ بندي جي باوجود، اسرائيلي فوج جون ڪارروايون جاري آهن. گذريل ڏينهن ۾ صيهوني فوج جي حملن ۾ 14 ماڻهو مارجي ويا آهن.
ايراني پرڏيهي وزير روس پهتو، صدر پيوٽن سان اهم ملاقات ڪندو
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي روس جي اتر اولهه شهر سينٽ پيٽرسبرگ پهتو آهي. ايراني پرڏيهي وزير اڄ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان اهم ملاقات ڪندو. رپورٽ موجب، عباس عراقچي ڳالهين جي صورتحال ۽ جنگ بندي تي صلاح مشورو ڪندو. عباس عراقچي جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي تفصيلن بابت پڻ آگاهه ڪندو.هن دوري کي خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ تمام اهم سمجهيو پيو وڃي، جتي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ سفارتي ڪوششون جاري آهن.
عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ 2 سيڪڙو واڌ
برطانوي خام تيل جي قيمت ۾ 2.22 ڊالر في بيرل واڌ ٿي، جنهن کان پوءِ برطانوي خام تيل جي قيمت 107.55 ڊالر في بيرل ٿي وئي، جڏهن ته آمريڪي خام تيل جي قيمت پڻ 2.02 ڊالر وڌي 96.42 ڊالر في بيرل ٿي وئي.عرب ميڊيا موجب، ايران-آمريڪا امن ڳالهين ۾ پيش رفت جي گهٽتائي ۽ آبنائي هرمز کان محدود ترسيل عالمي سپلاءِ تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي.
پاڪستان جو دورو مفيد رهيو، مثبت صلاح مشورا ٿيا: عراقچي
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي اسلام آباد جي دوري کي تمام گهڻو مفيد قرار ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني عملدارن سان مثبت صلاح مشورا ٿيا.ماسڪو پهچڻ تي ايراني ميڊيا سان ڳالهائيندي عباس عراقچي چيو ته هو علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ايران ۽ ماسڪو جي وچ ۾ ويجهي صلاح مشورا جاري رکڻ جي مقصد سان روس آيو آهي. هو اڄ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪندو.هن چيو ته روسي صدر سان ملاقات جنگ جي پيش رفت ۽ موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ جو هڪ سٺو موقعو هوندو. هن کي يقين آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صلاح مشورا ۽ هم آهنگي خاص اهميت جي حامل هوندي.ايراني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو دورو تمام گهڻو مفيد هو. اسلام آباد جي دوري دوران عملدارن سان مثبت صلاح مشورا ڪيا ويا. اسلام آباد جي دوري دوران، عملدارن گذريل واقعن ۽ انهن مخصوص حالتن جو جائزو ورتو جن جي تحت ايران-آمريڪا ڳالهيون جاري رکي سگهجن ٿيون.عباس عراقچي چيو ته عمان جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آبنائے هرمز تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ايران ۽ عمان آبنائے هرمز جا ساحلي ملڪ آهن، تنهن ڪري باهمي صلاح مشورا ناگزير آهن، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن هن گذرگاهه مان محفوظ گذرڻ هڪ اهم عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي.هن چيو ته آبنائے هرمز جي ساحلي ملڪن جي حيثيت سان، باهمي مفادن جي حفاظت لاءِ ڳالهيون ڪرڻ قدرتي آهي. ٻن ساحلي ملڪن جي حيثيت سان، اسان کي هر ممڪن قدم تي هم آهنگي برقرار رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو ٻنهي جي مفاد ۾ آهي.هن چيو ته ايران ۽ عمان جي وچ ۾ هڪ اعليٰ سطحي معاهدو آهي، ۽ ٻئي ملڪ متفق آهن ته ماهر سطح تي به صلاح مشورا جاري رهندا ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسان جا پاڙيسري اسان جي ترجيح آهن، عماني ميزبانن جو انهن جي گرمجوشي سان مهمان نوازي لاءِ شڪريو ادا ڪيو.هڪ بيان ۾، عباس عراقچي چيو ته عمان ۾ ڳالهين دوران، انهن هرمز ۾ محفوظ آمدورفت کي يقيني بڻائڻ تي بحث ڪيو.هن چيو ته عماني ميزبانن سان ٻطرفي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي اهم ڳالهيون ٿيون.ياد رهي ته ڪالهه عمان جي سلطان هيثم بن طارق السعيد ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ملاقات ڪئي.
قطري وزيراعظم جو سعودي پرڏيهي وزير کي فون، آمريڪا-ايران تڪرار ۽ علائقائي صورتحال تي بحث
قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان بن عبدالله السعود کي ٽيليفون ڪيو، جنهن ۾ آمريڪا، ايران ۽ علائقائي صورتحال تي بحث ڪيو ويو.قطري ميڊيا موجب، ٻنهي اڳواڻن جنگ بندي ۽ خطي ۾ جنگ جي ٻيهر شروعات جي خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن موقعي تي خطي ۾ تڪرار گهٽائڻ ۽ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي پڻ بحث ڪيو ويو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين اهڙين ڪوششن تي زور ڏنو جيڪي تڪرار گهٽ ڪن ۽ خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي مضبوط ڪن.قطري وزيراعظم زور ڏنو ته سڀني ڌرين کي جاري ثالثي جي ڪوششن جو مثبت جواب ڏيڻ گهرجي ته جيئن بحران جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ جو رستو هموار ٿي سگهي.
يو اي اي جي پرڏيهي وزير جو آمريڪي هم منصب سان رابطو، وچ اوڀر جي صورتحال تي بحث
يو اي اي جي پرڏيهي وزير عبدالله بن زايد آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ايراني ميزائل حملن جي خطي ۽ عالمي امن تي اثرن جو جائزو ورتو. يو اي اي آمريڪي حمايت ۽ يڪجهتي لاءِ شڪرگذاري جو اظهار ڪيو. اڳواڻن خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل قدمن تي بحث ڪيو.










